ليکڪ: مظهر برلاس
اسلام آباد جي ڳڻپ دنيا جي خوبصورت ترين گادي وارن هنڌن ۾ ٿئي ٿي، ان شهر ۾ حسن، ساوڪ، پاڻي ۽ دلڪشي آهي، هتي موسم جا رنگ صرف نکرن ئي نٿا پنهنجي طرف ڇڪي به وٺن ٿا، هن شهر جي هوائن ۾ عجيب سحر آهي، جيڪو هتي اچي وسيو اهو وري ٻيهر ڪيڏي به نه ويو، ان کي اسلام آباد سان ڄڻ ته عشق ٿي ويو، عشق نه ته محبت ضرور ٿي وئي، محبت جو اهو گهيرو انسانن کي اسلام آباد ڇڏڻ ئي نٿو ڏئي، هتي جي هر شيءِ خوبصورتي سان ٽٻٽار آهي، هتي قدرتي حسن آهي پر ڪجهه ترڪيب به درست ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ايوبي دور ۾ ٺهيو، هن شهر کي مارگلا جي پهاڙين پنهنجي ٻانهن ۾ پناهه ڏني، مارگلا جو مطلب ته نانگن جو گهر آهي پر هتان جي ساوڪ نانگ لڪائي رکيا آهن ۽ انهن جبلن ۾ جهنگلي حيات به آهي، انهن پهاڙن جي دامن ۾ ٻه چار مشهور ڳوٺ به آهن ۽ انهن ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ سيدپور آهي جيڪو هن وقت ماڊل ڳوٺ بڻجي چڪو آهي، ان ۾ مندر، گردوارو ۽ مسجد آهي ۽ ائين هي ڳوٺ مذهبي هم آهنگي جو عمدو مثال آهي، ٻئي ڳوٺ جو نالو نورپور شاهان آهي جتي بري امام دفن آهي، ٽئين ڳوٺ جو نالو گولڙو آهي جتي پير مهر علي شاهه جي مزار آهي، چوٿين ڳوٺ جو نالو شاهه الهه ڏتو آهي، ان ڳوٺ ۾ اهو غار آهي جتي گوتم ٻڌ پنهنجي عبادت ڪندو هو، تازين برساتن ۾ مارگلا جي جبلن مان ان ڳوٺ کان پاڻي لٿو ۽ گولڙا شريف جي ويجهو اي اليون سيڪٽر جو گهڻو ڪجهه لوڙهي ويو، زور آور پاڻي سامهون ڪنهن جو به زور نه هليو ته ماڻهن سڄو زور ۽ ڪاوڙ سي ڊي اي چيئرمين ۽ ڊي سي اسلام آباد تي لاٿي، جيتوڻيڪ انهن ٻنهي جو ان سڄي قصي ۾ ڪو به قصور نه آهي، اهي ٻئي زبردست ۽ متحرڪ آفيسر آهن ۽ اسلام آباد جي شهرين لاءِ هڪ ئي وقت مصروف رهن ٿا، کين اطلاع ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ها پر اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي گذريل ڪجهه عرصي کان خراب نه پر تمام گهڻي خراب آهي. ماڻهو بنيادي سببن کي ڄاڻڻ کانسواءِ سوشل ميڊيا جي گهوڙي تي سوار ٿي وڃن ٿا، جنهن سان حقيقتون ڪٿي پويان رهجي وڃن ٿيون، 60ع جي ڏهاڪي ۾ ٺهندڙ اسلام آباد لاءِ هڪ ماسٽر پلان ٺاهيو ويو هو، ان کي خوبصورت انداز ۾ ترتيب ڏنو ويو، ان جي هر سيڪٽر جا 4 سب سيڪٽر ٺاهيا ويا، انهن سيڪٽرن ۾ تعليمي ادارن، پارڪن، راند جي ميدانن ۽ عبادتگاهن کانسواءِ ڪمرشل مارڪيٽن جو خاص خيال رکيو ويو. هر سيڪٽر ۾ هڪ مرڪزي ڪمرشل ايريا ٺاهيو ويو ۽ هر سيڪٽر جي چئني سب سيڪٽرن ۾ هڪ ننڍي ننڍي مارڪيٽ ٺاهي وئي، اهو سڄو ڪم سي ڊي اي ڪيو، سي ڊي اي جو پهريون چيئرمين جنرل يحيٰ خان هو، ايوبي دور ۾ سي ڊي اي جا 4 چيئرمين آيا، 2 فوجي ۽ 2 سي ايس پي آفيسر هئا، پوءِ ايندڙ چيئرمينن جي لسٽ ۾ ڪيترائي نالا شامل آهن، پر اسلام آباد جا شهري اڄ به سيد علي نواز گرديزي، سعيد مهدي، شفيع سهواني ۽ انجنيئر فرخند اقبال ياد ڪن ٿا، 2 چيئرمين اهڙا آيا جن کي ماڻهو وسارڻ چاهين ته به وساري نٿا سگهن، اهي آهن ڪامران لاشاري ۽ عامر احمد علي، هتي به راوينز اڳيان آهن، ڪامران لاشاري مشرف جي دور ۾ سي ڊي اي چيئرمين هو، هن اسلام آباد ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا، ڪامران لاشاري ايترو ذهين هو جو جتي خوبصورتي جو امڪان به نه هوندو هو اتان به خوبصورتي پيدا ڪري وٺندو هو، هن اسلام آباد جي روڊن کي ڪشادو ڪيو، شهر کي خوبصورت بنائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، عامر علي موجوده چيئرمين آهي، کيس آفرين اهي ته هو هڪ طرف ترقياتي ڪمن ۾ جنبيل آهي ته ٻئي طرف ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ به ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي، هن خساري سان ڀريل سي ڊي اي کي منافعي وارو ادارو بڻايو، وزيراعظم کيس شاباس ڏني، عامر احمد علي ٻٽين ذميوارين باوجود شاندار خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيئن ته اوهان کي ٻڌايو ويو آهي ته سي ڊي اي اسلام آباد لاءِ پلاننگ ڪئي ۽ هر شيءِ جو خيا رکيو، سي ڊي اي آبي گذرگاهن جو به خيال رکيو، مارگلا جي پهاڙن مان ڪيترائي نديون ۽ نالا لهن ٿا، انهن ۾ گهڻو مشهور ڪورنگ، سوان ۽ لئه نالا آهن، سي ڊي اي انهن کي آبادين مان گذاريو پر انهن ندين ۽ نالن جا رستا ڊسٽرب نه ڪيا، ان حوالي سان اسلام آباد هڪ مثالي شهر هو ته هتي برسات ٿيندي ئي ڪجهه منٽن ۾ پاڻي غائب ٿي ويندو هو پر هاڻ اهڙو ڇا ٿيو جو اسلام آباد ۾ پاڻي جي زور جو شور بلند ٿيو، جي ها ان جو هڪ خاص سبب آهي، گذريل 25 ، 30 سالن ۾ دولت جي پوڄارين اسلام آباد جو رخ ڪيو، انهن هتي سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري ڪيتريون ئي هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهي ورتيون، سياسي حڪومتن سي ڊي اي کي نوان سيڪٽر ٺاهڻ کان روڪي رکيو، هائوسنگ سوسائٽين جي مالڪن نه ٻيلن کي بخشيو ۽ نه ئي قبرستانن کي ايستائين جو ندين ۽ نالن جي رستن ۾ به گهر ٺاهي ڇڏيا، ڀلا گهر پاڻي جو زور ڪٿي ٿا برداشت ڪري سگهن، گهر ته گهر سڄي جا سڄا ڳوٺ به درياهه ۾ ٻڏي وڃن ٿا، اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، افسوسناڪ آهي، پر ان جي ذميواري سي ڊي اي تي وجهي سگهجي ٿي ۽ نه ئي ڊي سي تي ڇو ته اهو سمورو نقصان دولت جي حوس جي ڪري ٿيو آهي، ان حوس پاڻي جا رستا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڻي جي رستن ۾ وڏا محل ٺاهي ڇڏيا پر پاڻي پنهنجو ڪم ڪري ويو، بقول خاڪسار ته؛
اب کے معیار عدل کچھ بدلا ہے اس طرح
جتنے بھی اونچے گھر تھے وہ دریا میں بہہ گئے