150

(ن) ليگ جو گرم محاذ، شهباز شريف يا مريم نواز؟

ليکڪ: عاصمه شيرازي

پاڪستان ۾ مخالف ڌر جي جماعت مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف جو هڪ تازو انٽرويو رڳو انٽرويو نه هو پر ڪيترن ئي مهينن کان هلندڙ اندروني ويڙهه جو حتمي پيغام هو، هاڻ گهڻو ٿيو، وڌيڪ نه، فيصلو ڪرڻو پوندو ته (ن) ليگ ۾ ڪير ڪٿي بيٺل آهي؟ اقتدار لاءِ سياست آهي يا صرف مزاحمت شهباز شريف جو مفاهمت ڪرڻ ۽ مزاحمت نه ڪرڻ جي طعنن جو جواب تلخ هو، زبان تي شڪايت هئي ته جيل هن به ڪاٽيا آهن ۽ اڄ به ڀوڳي رهيو آهي، پر ڪجهه غلط فيصلن 2018ع جون چونڊون وڃايون، نه ته وزيراعظم چوٿون به نواز شريف ئي هجي ها، غلط فيصلا ڪنهن جا هئا ۽ اڪيلو نواز شريف ئي انهن غلط فيصلن جو بار کڻي رهيو آهي يا جماعت ڪنهن ٻئي پاسي هئي، بهرحال شريف خاندان جي بيانيي جي پس منظر ۾ جان نشيني واري جنگ حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن تحريڪ انصاف باقي پاڪستان فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جو رخ ڪري چڪي آهي ۽ پيپلزپارٽي پنجاب ۽ خاص ڪري ڏکڻ پنجاب ۽ ڪراچي کي عام چونڊن کان اڳ پنهنجي ڌيان جو مرڪز بڻائي چڪي، جهانگير ترين گروپ کان وٺي حلقن جي سياست جي جوڙ ٽوڙ تي هوم ورڪ ۾ مصروف آهي، اهڙي وقت ۾ (ن) ليگ ۾ اختلاف انتشار ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، مريم نواز سياست ۾ هڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نواز شريف جي سياسي بيانيي جي جان نشين به آهي پر ڇا عام چونڊون رڳو بيانيي ۽ شعلي بيان تقريرن سان کٽي سگهجن ٿيون؟ ليگ ۾ اهو به بحث شد ۽ مد سان جاري آهي ته مريم نواز جي اڪيلي شعلا بياني چونڊ معرڪن کي ڪاميابي ۾ تبديل نٿي ڪري سگهي، جنهن جو اشارو پاڪستان جي انتظام واري ڪشمير ۽ سيالڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ کلي سامهون اچي ويو آهي، آخر ڪهڙو سبب آهي ته رڳو 3 مهينا اڳ ڊسڪا ضمني چونڊ ۾ ميدان مارڻ واري پاڪستان مسلم (ن) ڪشمير ۽ سيالڪوٽ جون چونڊون هارجي وئي، شهباز شريف جي غير موجودگي ۾ (ن) ليگ جي اڻ ڏٺل ڪمان بهرحال مريم نواز جي هٿن ۾ هئي، ان دورانيي ۾ مريم نواز شريف جي سياست ۾ واپسي لاءِ ڳالهيون به جاري رهيون، پر ڪجهه سببن جي ڪري اهي ڳالهيون يا ڊيل ڪنهن رستي تي چڙهي نه سگهيون ۽ ائين (ن) ۾ ”م“ ۽ ”ش“ بظاهر مزاحمت ۽ مفاهمت ۾ اختلاف جي صورت ۾ منظرعام تي آيون، غلطي ڪٿان ٿي ۽ ڪنهن کان ٿي؟ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پي ڊي ايم جي سياسي قوت پنهنجو زور ڏيکاري رهي هئي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابيون سهيڙي رهي هئي ۽ پهريون ڀيرو تحريڪ انصاف جي حڪومت پريشان نظر اچي رهي هئي، ان وقت ۾ مولانا ۽ (ن) ليگ طرفان پيپلزپارٽي کان استعيفائن جو مطالبو سامهون آيو، بدلي ۾ آصف علي زرداري صاحب ميان نواز شريف صاحب کي واپس اچي انقلاب جي اڳواڻي جو مطالبو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ مريم نواز جا پ پ مخالف ٽوئيٽس ۽ بيان به هاڻ تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن، اها هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن اڄ پي ڊي ايم زندهه هجي ها ته حالتون مختلف هجن ها، پر اهو الزام هاڻ ڪنهن جي مٿي تي رکيو وڃي اهو بي معنيٰ ٿيندو، سچ ته اهو آهي ته مخالف ڌر ۽ خاص ڪري (ن) ليگ ڄاڻي ٻجهي يا اڻڄاڻائي ۾ ڊيل بغير ڊيل جو هڪ اهم موقعو وڃائي ڇڏيو، هاڻ (ن) ليگ جا مسئلا ڳنڀير ٿي چڪا آهن، ڪشمير چونڊن ۾ مريم نواز مٿان ناڪامي جو الزام ۽ وري پارٽي اندر ان جي وڌندڙ مداخلت انڪلز لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهي آهي، بيانيي جي طريقيڪار کي تبديل ڪرڻ جي واري ۾ چونڊيل ۽ عملي سياست ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن جي راءِ الڳ ۽ ڪجهه سينيئرن جي راءِ مختلف آهي. چونڊ سياست ۾ عملي حصو وٺڻ وارا سمجهن ٿا ته رڳو مزاحمت نه ته چونڊن ۾ ڪاميابي ڏياري سگهي ٿي ۽ نه ئي طاقتور حلقن جي آشيرواد لاءِ هر حد تائين ڪمپرومائيز ڪرڻ ممڪن ٿيندو، اهڙي حالت ۾ (ن) ليگ جي سياست هڪ ٻه واٽي بيٺل آهي،  سيالڪوٽ ۽ ڪشمير جي چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ جو اخلاقي گراف انتهائي وڏو آهي، مقتدر حلقن جي مدد سان پنهنجي جاءِ تي موجود به آهي، حڪومت اڃا به هڪ صفحي جي آهي، جڏهن ته اختلافن جي هلڪي ڦلڪي موسيقي رڳو دل لڀائڻ لاءِ آهي، اهڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ رڳو پيپلزپارٽي ئي واضح ايجنڊا سان اڳتي وڌندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته (ن) ليگ اختلافن ۽ انتشار طرف وڌي رهي آهي، ميان نواز شريف کي ان موقعي تي مداخلت ڪرڻي پوندي، جنهن جا امڪان اڃا تائين ته نه هجڻ جي برابر آهن، ته ڇا ميان شهباز شريف ميڊيا جي وسيلي پنهنجا خدشا ۽ گذارشون پيش ڪندو رهندو يا پارٽي اندر هڪ صحتمند ڳالهين جو عمل به شروع ڪري سگهي ٿو؟ ميان نواز شريف لاءِ اهو وقت پري نه آهي جڏهن کيس  اهو فيصلو ڪرڻو پئجي وڃي ته (ن) ليگ جي واضح ايجنڊا ڪهڙي آهي، شهباز شريف جي انٽرويو کانپوءِ نواز شريف جا سماجي ويب سائيٽ تي جذبا ان ڳالهه جو پتو ڏين ٿا ته بيانيو تبديل نه ٿيندو، ميان نواز شريف کي اهو به فيصلو ڪرڻو پوندو، سندس ڀاءُ جي موجودگي ۾ پاڪستان ۾ سياسي فيصلا ڪير ڪندو؟ ۽ ڇا هو ان معاملي ۾ پيءُ بڻجي سوچيندو، ڀاءُ بڻجي سوچيندو يا هڪ قائد بڻجي سوچيندو؟ پارٽي اندر اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ نواز شريف کي وطن واپس اچڻو پئجي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ جماعت ۽ بيانيو ٻئي بهتر نتيجا ڏئي سگهن ٿا ۽ جي نه ته عام چونڊن کان اڳ پارٽي وڌيڪ بحران ۽ ورهاست جو شڪار ٿيندي، شهباز يا مريم نواز فيصلو نواز شريف کي جلدي ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو