112

عيد مباهله، اسلام جي عظمت جي ثبوت جي عيد…

ليکڪ:  دانش نبي بخش شر

 سن ڏھه هجري ۾ حضرت رسول خدا (ص) نجران جي عيسائين ڏاهن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ تحرير فرمايائون ته ”هڪ خدا جي پوڄا ڪريو ۽ مسلمان ٿي وڃو يا پنهنجي مذهب تي قائم رهو پر مسلمانن کي جزيو ڏيو يا جنگ لاءِ تيا رهو“ نجراني پنهنجي ڪليسا ۾ پنهنجي وڏي سان صلاح مشوري ۾ مصروف ٿي ويا، ڳالهين بعد ڪن بااثر عيسائين حضرت رسول خدا (ص) جي ڪنهن به ڳالهھ مڃڻ کان انڪار جو اعلان ڪيو، سواءِ اسقف اعظم ابو حارثه جي جنهن جي عمر 120 سال هئي، اهو دراصل (دل ۾) مسلمان ۽ حضرت رسول خدا (ص) جي ڳالهھ سان متفق هو، پورا ٻه ڏينهن صلاح مشورا ڪندا رهيا، نيٺ طئي ڪيائون ته پهريان، هڪ”جامعه“ نالي ڪتاب ۾ پيغمبرن جون صفتون لکيل آهن ۽ ٻيو حضرت شيث جو صحيفو پڙهي ڏسندا ان ڪري ان فيصلي تحت  حضرت رسول خدا (ص) جي ايلچين ۽ ڪن عيسائين جي موجودگي ۾ طئي ٿيل ڪتاب پڙهيا ويا ۽ جيئن ڪتاب”جامعه“ ۾ لکيل هو ان مطابق طئي ڪيائون ته اسقف اعظم ابوحارثه سميت 70 بااثر ماڻهن جي هڪ جٿي کي تحقيق ڪرڻ لاءِ مديني روانو ڪيو ويندو، طئي ٿيل پروگرام تحت 70 ماڻهن تي ٻڌل يهودين جو ٽولو مديني اچي حضرت رسول خدا (ص) سان مليو، آنحضرت انهن کي گهڻو ئي سمجهايو،گهڻا ئي دليل پيش ڪيا پر هڪ به نه مڃيائون، نيٺ ڳالهھ وڃي مباهلي تي بيٺي، ان دوران حضرت جبرائيل (ع) قرآن مجيد جي سوره آل عمران آيت نمبر 61 کڻي آنحضرت (ص) تي نازل ٿيو، جنهن ۾ ارشاد خداوندي آهي ته (پوءِ جيڪڏهن اهي اڃا به توسان جهڳڙو يا ضد ڪن ان کان پوءِ به جو تو وٽ علم پهچي چڪو آهي ته پوءِ انهن کي چئو ته اچو اسان سڏيو پنهنجي پٽن کي ۽ توهان جي پٽن کي ۽ اسان پنهنجي عورتن کي ۽ توهان جي عورتن کي ۽ اسان پاڻ به ۽ توهان به حاضر ٿيو پوءِ عاجزيءَ سان دعا گهرون ۽ ڪوڙن تي الله جي لعنت وجهون) ان روءِ سان مباهلو طئي ٿيو. عيسائين جو ٽولو موٽي مديني کان ٻاهر پنهنجي رهائشگاھه ڏانهن هليو ويو ۽ هڪٻئي سان سان صلاح ڪرڻ لڳا، سندن ڪي عالم چوڻ لڳا ته جيڪڏهن سڀاڻي محمد بادشاهن جيان پنهنجي ساٿين جو ڪو وڏو ٽولو وٺي آيو ته ڪوبه ڊپ نه ڪجو پر جيڪڏهن پنهنجا ڪي خاص گهرڀاتي وٺي اچي ته خطرو سمجهجو ڇو ته اهو انبياءَ جو طريقو آهي، مقرر ٿيل ڏينهن تي صبح جو سج چڙهيو ته حضرت رسول خدا (ص) پاڻ، علي بن ابي طالب (ع) حضرت فاطمه زهرا (س)، امام حسن ۽ امام حسين عليهم السلام مقرر ٿيل جاڙن وڻن واري هنڌ اچي پهتا، پهچڻ سان آنحضرت (ص) جي حڪم سان ان جاءِ کي ٻهاريو ويو ۽ ڇانو ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاري عبا (عربي چادر) وڻ تي ٽنگي وئي، ڏسڻ لاءِ مديني جا مسلمان به اچي پهتا ته بني نجران وارا (عيسائي) به ٻارين ٻچين اچي پهتا، اُسقف پنهنجي ساٿين سميت وڌي اچي آنحضرت (ص)کان پڇڻ لڳو ته توهان ڪهڙن ماڻهن جي زور تي ٿا مباهلو ڪريو؟ حضرت رسول خدا (ص) وراڻيو ته خدا جي نظر ۾ زمين تي رهڻ وارن مان بهترين ۽ نهايت ئي مٿانهين هستين جي وجود ذريعي، انڪري جو مون کي خدا تعالى طرفان حڪم ٿيو آهي ته انهن کي ئي مباهلي لاءِ آڻيان، اُسقف ۽ سندس ساٿين جي جيئن ئي حضرت رسول خدا (ص) ۽ سندس اهلبيتن تي نظر پئي ته خوف ۾ وڪوڙجي ويا، ايتريقدر جو سندن چهرا ڦڪا ٿي ويا، ابو حارث جنهن جو پهريان ئي اسلام ڏانهن لاڙو هو، اهو اڳتي وڌي پنهنجي ٻنهي ساٿين کي نصيحت ڪندي هٿ کان وٺي پوئتي هٽائڻ لڳو نه فقط ايترو پر مباهلي جي نقصانن کان به آگاهي ڏيڻ لڳو، چوڻ لڳو ته توهان محمد (ص) ۽ سندس اهلبيت جي ساراھه پنهنجي ڪتابن ۾ ته پڙهي چڪا آهيو؟ هي اهو ئي محمد (ص) پيغمبر آهي، ڇا توهان ان جي مٿان ڪارن ڪڪرن جي ڇانو ڪونه ٿا ڏسو، وڻن جي ٽارين کي نٿا ڏسو جيڪي انهن کي جهڪي سلام ڪري رهيون آهن؟ اهي پکين جا آواز، اهو ڪارو دونهون، اها جبلن ۾ پيدا ٿيل زلزلي واري ڪيفيت توهان کي ڏسڻ ۾ نٿي اچي؟ انهن جي رڳو دعا گهرڻ جي دير آهي، خدا جو قسم اهي جيڪڏهن بد دعا جو هڪ لفظ به زبان مان ڪڍن ته اسان جو نالو نشان ئي نه بچندو، هلو انهن سان هلي ٺاھه ڪريون، ان صلاح تحت ابو حارثه کي پاڻ سڳورن (ص) ڏانهن موڪليائون، ان ته پهچڻ سان ئي اسلام قبولي ورتو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته نجران وارا شرمنده ٿيا آهن، تنهن تي آنحضرت (ص) چيو ته شرمنده ٿيا آهن ته پوءِ اسلام قبول ڪن، چوڻ لڳو ته ايئن نه ڪندا، آنحضرت (ص) چيو ته پوءِ جنگ لاءِ تيار ٿين، چوڻ لڳو ته ان ڪم جي وري انهن ۾ طاقت ناهي پر جزيه (ڍل) ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهن، اهو ٻڌي آنحضرت (ص) حضرت اميرالمومنين علي (ع) کي فرمايو ته انهن کي ”ڪافر ذمي“ جا اصول ۽ ڍل جو مقدار سمجهاءِ جزيه (ڍل) جو مقدار ۽ ان جا شرط سمجهائڻ کان پوءِ حضرت علي (ع) انهن کي آنحضرت (ص) جي خدمت ۾ آڻي پيش ڪيو، حضرت رسول خدا (ص) انهن کي مخاطب ٿي فرمائڻ لڳو ته ”جيڪڏهن مون سان ۽ مون وارن هنن ڀاتين سان مباهلو ڪيو ها ته باندر ۽ سوئر بڻجي وڃو ها ۽ هي سڄي وادي توهان لاءِ باھه جو آڙاھه بڻجي وڃي ها ۽ هڪ سال اندر ئي ڪُلئي نصارى تباھه ٿي وڃن ها“ اسلام جي ان فتح واري ڏينهن کي ان ڏينهن ئي اسلام جي تاريخ ۾ عيد جو رتبو ڏنو ويو، اهو ئي سبب آهي جو اسلام جي تاريخ ۾ اهو ڏينهن ۽ اها تاريخ 24 ذوالحج ”عيد مباهله“ جي نالي سان مشهور ٿي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو