ليکڪ: انورسانول
خادم آءِ بي ملاح جي ورسي جو پروگرام رکڻو هو، پنهنجي پياري دوست وشال امير سان مليس سڄو احوال ڪيم، چيائين بس غني پبلڪ اسڪول جي آهي اتي رکون ٿا پروگرام، نيٺ آئون ۽ وشال اسڪول جي پرنسپل سان ملياسين، نهايت سٻاجهڙي طبيعت جي مالڪ سائين گلشن علي سنديش سان ملاقات ٿي هن اسان جي پروگرام جو بندوبست به سٺو ڪيو ۽ اسڪول جو سمورو سٿ اسان سان گڏ رهيو، پروگرام مان ايتري اميد نه هئي پر توقع کان مٿانهون ٿي ويو، جنهن جي صدارت ان وقت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڪئي ۽ خاص مهمان سائين تاجل بيوس هو، هر دوست بهترين نموني سان ملهايو. اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن منهنجي قسمت جي لڪيرن کي مٽجڻ ۾ دير نه لڳي، منهنجي شهر جي بهترين اداري جي مالڪ گلشن علي سنديش مونکي هڪ آفر ڏني جيڪا مون کلندي کلندي قبولي، ڇو ته ننڍپڻ جو خواب پورو ٿي رهيو هو، 15 جولاءِ 2010ع تي مون اسڪول جوائن ڪيو، مون هن اداري مان ڇا سکيو، ڇاسيکاريو ان بحث تي ڪونه وڃبو، اهو وڏوبحث ڇڙي پوندو، هن اداري مونکي بهترين ڀائرن جهڙا دوست ڏنا، جن ۾ اسڪول جو وائيس پرنسپال استاد نثار علي ابڙو، استاد شميم مصطفيٰ، استاد عبدالحفيظ، استاد وسيم احمد ابڙو، استاد شفيق احمد ابڙو، استاد پرويز علي، استاد شمشادعلي ابڙو، استاد مبشر ڪاظم ابڙو، استاد عبدالرشيد، استاد عبدالقادر ابڙو جيڪي مون سان هن اداري ۾ فقط 2 سال گڏ رهيا، پوءِ هو سرڪاري اسڪولن ۾ استاد مقرر ٿيا، هنن پنهنجي وت ۽ وس آهر اسڪول جي نظم ۽ ضبط کي برقرار رکيو، وري ٿورو وقت اڳتي هليو ته گلشن علي نوان استاد آندا، جن ۾ منهنجا جگري يار شامل ٿيا، جن استاد حافظ محمد ياسين ڪانڌڙو ۽ استاد عبدالواحد ابڙو، استاد جاويد ويسر، استاد جاويد اختر ابڙو شامل هئا، انهن پنهنجي محنتن سان اسڪول ۾ فيض ورهايو پئي، ادارو محنت جي شاھراھه تي روان دوان هو ته مئٿ جي استادن جي کوٽ محسوس ٿي، ٽنڊي مستي خان جي گلال برادري سان تعلق رکندڙ ٽن ڀائرن استاد غلام حسين، استاد غلام سرور ۽ استاد فرمان علي گلال جن پڻ تعليم جهڙي زيور سان اسان جي مستقبل جي معمارن کي سجايو، تعليم جي معيار کي اڃا به بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون هيون، وقت پاسو بدليو ته دشمنن جي نظر ۾ اسان جون ڪاوشون ڪاوا بڻجي چڀڻ لڳيون، نيٺ دشمنن جي نظر لڳي وئي ۽ فرقيواريت جي اثر ۾ گلشن علي ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا ته جيئن اداري جي معيار کي ڪيرائجي پر اسان جو عزم پڪو هو، اداري کي بند ٿيڻ نه ڏنو. سائين جي غير موجودگي ۾ به مون پاڻ کي اڪيلو نه ڀانيو، سائين جي شفقت ۽ سائين جي ڏنل تعليم ڪم آندي ۽ وري ڪجهھ استادن جي ڀرتي جو سلسلو جاري رکيو، وري استاد ديدار علي بلوچ، استاد ڪامران علي ڪانڌڙو، استاد طارق نواز، استاد مسعود محمود، استاد آصف مصطفيٰ، استاد آصف بهاول، استاد انيس احمد آيا، وقت سان گڏ هلڻ ۾ ٿورو وقت لڳو پر هلندا رهياسين، پيارو وشال امير، فهيم اسلم پڻ اداري جي پرنسپال وارن عهدن تي رهيا، سائين عبدالحفيظ ابڙو پڻ پرنسپال رهيو، ائين اداري ۾ بهتري ايندي رهي نيٺ اسان جا شاگرد ڊاڪٽر ٿي ويا، وڪيل ٿي ويا، استاد ٿي ويا، اسان جي پسند جي استاد نويد جا ٻه سپوت سائر مجتبيٰ ۽ ساگر مجتبيٰ پڻ هن اداري جي سونهن بڻيا، هن اداري ۾ منهنجي ڪوشش سان هر نياڻي اسلام کي ڦالو ڪندي پردي جو بندوبست ڪيو، هر نياڻي چوٿين درجي کان وٺي اٺين درجي تائين پاڻ کي برقعي ۾ رکڻ پسند ڪيو، هي ادارو اسڪول نه پر يونيورسٽي آهي، دوستو اصل ٻڌائڻو اهو آهي ته مون پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو، ان ڪري اڄ جڏھن آئون هن اداري کي الوداع ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ، محسن استاد گلشن علي سنديش کان وقت جي نزاڪت کي ڏسندي اجازت ورتي ته هاڻي مونکي دل سان موڪل ڏيو ته آئون ڪجهھ وقت ڪراچي ۾ رهي پنهنجي ٻچڙن کي ڪنهن منزل تائين پهچايان، هن اداري ۽ سائين جو پيار هميشه لاءِ ياد رهندو، دعا آهي ته هي ادارو سدائين ترقي ڪندو رهي.