94

اسلام آباد، پشاور، ڪوهاٽ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد سميت خيبرپختونخواه جي مختلف شهرن ۾ 5.3 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، رپورٽ مطابق اسلام آباد، مانسهره، بالاڪوٽ، پشاور، سوات، مالا ڪنڊ، لوئر دير، چارسده ۽ نوشهره سميت ان جي پسگردائي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن کانپوءِ علائقي واسي ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن مان نڪري آيا،زلزلي جو مرڪز هندوڪش جو جابلو سلسلو هو،زلزلي جي ماپ ڪندڙ اداري موجب ريئڪٽر اسسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.3 ريڪارڊ ڪئي وئي جنهن جو مرڪز زمين اندر 159 ڪلو ميٽر گهرائي ۾ هو،زلزلي کانپوءِ فوري طور تي ڪنهن به جاني مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو