133

5 آگسٽ ڪشمير تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: سردار عتيق احمد خان

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آل ڄمون و ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي قائد سردار عتيق احمد خان چيو آهي ته 5 آگسٽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، 5 آگسٽ تي سڄي دنيا ۾ ڪشميري گڏ ٿي ڀارت کي اهو پيغام ڏين ته ڄمون و ڪشمير جو عوام ڀارتي ڏاڍ کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪندو، گڏيل قومن سميت عالمي ادارا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن ۽ ظلم جو نوٽيس وٺندي ڪشميرين کي خود اراديت وارو حق ڏيارين. اهڙن خيالن جو اظهار هن 5 آگسٽ 2019ع جي يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ وارو عمل ڄمون ۽ ڪشمير رياست جي خاتمي ۽ والاريل ڪشمير کي هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ پلان آهي. 2 سال اڳ والاريل ڪشمير جي عوام کي ڪرفيو، لاڪ ڊائون ۾ رکندي نوجوانن جي نسل ڪشي جهڙن قدمن تي سڄي دنيا جو خاموش تماشائي بڻجڻ عالمي برادري جي بي حسي ۽ ٻٽو معيار آهي. والاريل ڪشمير جي عوام جون قربانيون الحاق پاڪستان لاءِ ڪشميري شهيدن جو رت ڪنهن به صورت رائيگان نه ڪرڻو ڏنو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو