106

والاريل ڄمون ڪشمير: ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس طرفان 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن ملهائڻ لاءِ اپيل

سرينگر  (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزادي پسند ڪشميرين کي پنهنجي اپيل ۾ چيو آهي ته نريندر مودي جي فسطائي حڪومت طرفان 370 ۽ 35 اي جي شق ختم ڪري عالمي سطح تي تسليم ٿيل حق خوداراديت کي پنهنجي تحريڪ ۾ ٿيل بي رحماڻي حملي خلاف 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين.رپورٽ مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان سرينگر مان جاري بيان ۾ چيو آهي ته آزادي واري تحريڪ لاءِ ڪشميرين جي وابستگي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. ۽ هنن هڪ ذڪر جوڳي مزاحمت جو مظاهرو ڪيو جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ بي مثال آهي. هن ڀارت طرفان والاريل علائقي ۾ واپارين، ٽرانسپورٽرن، مزدورن، ملازمن سميت هر مڪتب فڪر جي ماڻهن کي ڪاري ڏينهن کي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو