145

ڪابينه ڪپهه جي انٽروينشن قيمت 5 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته ڪپهه جي انٽروينشن قيمت 5 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ملڪ ۾ ڪپهه جي قيمتن جي مانيٽرنگ لاءِ وزارت ڪاٽن پرائيز رويو ڪميٽي جوڙي ويندي، قيمتن ۾ گهٽتائي هئڻ تي اها ڪميٽي ٽريڊنگ ڪارپوريشن پاڪستان کي حڪم ڏئي سگهي ٿي ته هو خريداري شروع ڪري. هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آهي اسان ان جي بحالي لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون. گذريل سال جي نسبت پاڪستان ۾ هلندڙ سال ڪپهه جي پيداوار ۾ واڌ ٿي آهي. ڪپهه جي بحالي لاءِ اسان جو پهريون قدم آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته تسلسل سان هن کي اڳتي وٺي وڃون. خريف جي آبادگارن کي ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جا آپشن موجود آهن. هن چيو ته ڪپهه جي امدادي قيمت 5 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي ان جي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪپهه جي جائزي رويو ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان جو اجلاس هر ٻن هفتن کان پوءِ ٿيندو، آبادگارن کي اعتماد ٿيندو ته حڪومت انهن کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. امدادي قيمت سان آبادگار ڪپهه جي فصل جي پوکي ڪندا، هو ذهني طور مطمئن هوندا. بي ٽي ڪاٽن جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڪجهه آبادگارن اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ڪاٽن جي بحالي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو