122

ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ئي خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي ٿو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ئي خطي ۾ پائيدار امن ٿي سگهي ٿو. ڪشمير جي حوالي سان بين الاقوامي پارلياماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته يورپي پارليامينٽ، عالمي برادري، بين الاقوامي انساني حقن جون تنظيمون ۽ ميڊيا 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ 3 ڀيرا ڪشمير تڪرار تي بحث ٿيو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري پڻ ڪشمير تڪرار کي يو اين چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان علاوه يو اين جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي حوالي سان ٻه رپورٽون جاري ڪيون آهن ۽ اتي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي عالمي سطح تي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي سطح تي ڀارتي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي وئي پر ان جو ڀارت تي ڪو به اثر نه ٿيو. پرڏيهي وزير مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري ۽ پارليامينٽ ڀارت کي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي، قتل و غارت کان روڪڻ ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ظلم لاءِ ڀارت کي ذميوار قرار ڏئي. هن ڀارت تي زور ڀريو ته هو يو اين مبصرن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ميڊيا کي بنا روڪ ٽوڪ جي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏئي. شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم ۽ ان جي حڪومت خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو