ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليمي ادارا 8 آگسٽ تائين مڪمل طور تي بند رهندا، 8 آگسٽ بعد ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺي تعليمي ادارن کولڻ يا نه کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. صوبائي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ ڪورونا جي صورتحال هاڻي تسلي واري نه آهي، ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿي ته انٽر سال ٻه جي باقي رهيل امتحان ورتا ويندا، هن چيو ته هن چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مريضن جو تعداد تمام گهڻو آهي، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن وقت تعليمي ادارا کولڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، صوبائي وزير چيو ته 8 آگسٽ تي ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺي آئنده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو.
