129

سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريه ٽائون هنگامو ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتارين کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريه ٽائون ۾ ھنگامي واري واقعي بابت داخل ڪيل ڪيسن ۾ جوابدار طور ڄاڻايل اڻڄاتل ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل، بحريھ ٽائون جي وڪيل ۽ ٻين کي 13 آگسٽ تي دليل ڏيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آھي. عدالت اھڙو حڪم  بحريھ ٽائون ھنگامي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد سيد جلال محمود شاھھ، عوامي تحريڪ جي سجاد چانڊيو ۽ ٻين پاران داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت سجاد چانڊيو، سيد جلال محمود شاھھ ۽ بين پاران داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪئي تھ سيد جلال محمود شاھ ۽ ٻيا اڳواڻ پنھنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي روسٽرم تي طلب ڪندي پڇيو تھ بحريھ ٽائون ڪيسن جي جاچ ڪٿي پھتي جنھن تي جاچ آفيسر چيو تھ جاچ ھلندڙ آھي جنھن تي عدالت وري پڇيو تھ جاچ ۾ ڪھڙي اڳڀرائي ٿي آھي؟ ۽ ڊائريز جو فائيل ڪٿي آھي؟ جنھن تي جاچ آفيسر چيو تھ فائيل پراسيڪيوٽر جنرل وٽ آھي جنھن تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو تھ ان جو مطلب تھ جاچ نھ ٿي رھي آھي؟ عدالت پڇيو تھ ڪيس ۾ ڪيترا نامعلوم جوابدار ڄاڻايل آھن جنھن تي درخواستگذارن جي وڪيلن چيو تھ ڪيس ۾ 40 ھزارن کان وڌيڪ نامعلوم جوابدار ڄاڻايل آھن جنھن تي عدالت چيو تھ جيستائين جاچ جاري رھندي ان وقت تائين نامعلوم گرفتار ٿيندا رھندا. ان موقعي تي عدالت پوليس کي  ڄاڻايل ڪيسن ۾ وڌيڪ گرفتاريون ڪرڻ کان روڪندي بحريھ ٽائون جي وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر جنرل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي ھدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو