113

وزيراعظم جو سنڌ ۾ وفاقي ادارن ذريعي ايڪشن پلان شروع ڪرڻ جو فيصلو، ترقياتي رٿائون جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ وفاقي ادارن ذريعي ايڪشن پلان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سنڌ اسٽريٽجي ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، حليم عادل شيخ، چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي، عامر ڪياني ۽ سيف الله ابڙي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال ۽ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي ۽ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي سرگرم ڪردار تي به غور ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ وفاقي ادارن ذريعي ايڪشن پلان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي طئي ڪيو ويو ته سمگلنگ، منشيات ۽ بدامني جي روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته وزيراعظم به جلد سنڌ جو دورو ڪندو. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان سنڌ سان واسطو رکندڙ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر، صوبائي اسيمبلي ميمبر علي گوهر مهر ۽ صفدر عباسي شريڪ هئا. ملاقات ۾ صوبي جي گڏيل صورتحال خاص ڪري امن امان ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ عوام جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ هلندڙ وفاقي ترقياتي منصوبن خاص طور تي سنڌ جي پهرين وڏي ٽرانسپورٽ منصوبي گرين لائين بابت اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم گرين لائين جي مقرر ٿيل مدي ۾ منصوبي کي پورو ڪرڻ ۽ سنڌ پيڪيج تحت منصوبن تي به تيزي سان ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته گرين لائين رٿا کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي ۽ سنڌ پئڪيج هيٺ هلندڙ ترقياتي رٿائن جي ڪم ۾ تيزي آندي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو