دادو (ويب ڊيسڪ) دادو واسي پورهيتن جي ڪوچ سان حادثو، پنجاب جي شهر فيصل آباد واري علائقي شاهه ڪوٽ وٽ روڊ حادثي ۾ دادو واسي سنڌي ٽوپيون وڪرو ڪندڙ 7 پورهيت روڊ حادثي جو شڪار ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ محمد سرور پٽ حاجي رانجهو ملاح، محمود پٽ محمد يعقوب ملاح ۽ لطيف پٽ الهڏنو ملاح شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ صدام حسين ملاح، رمضان ملاح، ساجد ملاح ۽ عباس ملاح شامل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته روڊ حادثي جو شڪار ٿيل پورهيت دادو لڳ ڳوٺ پير ڳڻيو جا رهواسي آهن جيڪي سنڌي ٽوپيون وڪرو ڪرڻ لاءِ دادو کان ڪوچ ذريعي پنجاب جي شهر سيالڪوٽ وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڳوٺ پيرڳڻيو ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو، حادثي جي فوتي محمود ملاح کي هڪ پٽ جو اولاد هو، جڏهن ته محمد سرور ملاح کي 6 ٻارن جو اولاد ٻڌايو وڃي ٿو، فوتي پاڻ ۾ ويجها عزيز هئا، فوتين جا مڙهه ايمبولينس ذريعي ڳوٺ آندا ويا جن کان 60 هزار روپيه بطور ڪرايو ورتو ويو. جڏهن ته زخمي نوجوان صدام ملاح فيصل آباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ 3 زخمين جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي، فوتين جو تڏو دادو ويجهو ڳوٺ پير ڳڻيو ۾ وڇايو ويو آهي.
