اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر نذير چوهاڻ ۾ گرفتاري ۽جيل وڃڻ کان پوءِ وڏي تبديلي اچي وئي آهي، هو يوٽرن وٺندي جهانگير ترين گروپ کان ڌار ٿي ويو آهي. نذير چوهاڻ شهزاد اڪبر طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ ايف آءِ اي هٿان گرفتار ٿي جيل حوالي ٿيو هو، جنهن کان پوءِ ان ۾ تبديلي اچي وئي، جيل کاتي جي وزير فياض چوهاڻ ايم پي اي نذير چوهاڻ ۽ وزيراعظم جي مشير شهزاد اڪبر جو سرچاءُ ڪرايو جنهن کان پوءِ نذير چوهاڻ ضمانت لاءِ درخواست ڏني ته شهزاد اڪبر ان جي مخالفت نه ڪئي جنهن ڪري عدالت سنسدس ضمانت منظوري ورتي ۽ کيس جيل مان پڻ آزاد ڪيو ويو آهي. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ نذير ڱوهاڻ جي وفاداري ۽ ٻولي تبديل ٿي وئي آهي، هن عمران خان کي بهترين ۽ جهانگير ترين منافق قرار ڏنو آهي. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نذير چوهاڻ جهانگير ترين گروپ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته منهنجو ترين گروپ سان ڪو واسطو نه آهي، جهانگير ترين مونکي استعمال ڪيو ۽ ڏکئي وقت ۾ مونکي هڪ فون به نه ڪئي. هن چيو ته آئون جهانگير ترين جي هر ٻڌڻي تي ويس ۽ اُن کي پنهنجو ليڊر مڃيم پر اهو ان جي لائق به نه آهي. نذير چوهاڻ چيو ته منهنجو هڪ ئي اڳواڻ آهي ۽ رهندو، جنهن جو نالو عمران خان آهي. هن وڌيڪ چيو ته جهانگير ترين کي شرم اچڻ گهرجي ته ان اسپتال اچي منهنجي طبيعت به نه پڇي،، ان معاملي ۾ گهڻن منافقن جا چهرا ظاهر ٿي پيا آهن.
