120

يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪوڪنگ آئل 46 ۽ گيهه 34 رپيا ڪلو مهانگو،ٻيون شيون به مهانگيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪوڪنگ آئل 46 ۽ گيهه 34 رپيا ڪلو مهانگو،ٻيون شيون به مهانگيون ٿي ويون. رپورٽ موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي خشڪ کير 40 رپيا، شيمبو جي بوتل 4 کان 20 رپيا،صرف 6 کان 45 رپيا ۽ وهنجڻ جو صابڻ 3 کان 7 رپيا مهانگا ٿي ويا آهن، جڏهن ته گذريل هفتي به يوٽيلٽي اسٽورن تي سبسڊي وارو گيهه 90 رپيا،کنڊ 17 رپيا ۽ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 150 رپيا مهانگو ٿيو هو، هوڏانهن پيٽرول،سي اين جي، ايل پي جي ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيڻ کانپوءِ کاڌ خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري پورهيت طبقو وڏي پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو