136

حڪومت پاران نيشنل ڊجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت نيشنل ڊجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڊجيٽل پاليسي سان ڪيبل آپريٽرز لاءِ سبسڪرپشن ماڊل شروع ٿيندو، ڪيبل آپريٽرن کي نوان چينل هلائڻ لاءِ سبسڪسرپشن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، هن چيو ته هن وقت گهرن ۾اينالاگ ڪيبل جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي. ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير چيو آهي ته اسلام آباد ۾ گرين بيلٽ ۽ ٻين هنڌن تان حددخليون فوري طور هٽايون وڃن، سيڪيورٽي فورسز کي حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو