اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير وزيراعظم جي چونڊ بابت پارلياماني حلقن ۾نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، ذريعن موجب نئون چونڊيل وزيراعظم ان عهدي جي اميدوارن ۾شامل ئي نه هو، کيس ڪنهن رسمي انٽرويو ۾به نه گهرايو ويو هو،اوچتو نامزدگي ٿي، جڏهن ته وزيراعظم لاءِ سردار تنوير الياس،بئرسٽر سلطان، خواجا فاروق ۽ اظهر صادق جو انٽرويو ٿيو هو، قيوم نيازي جي وزيراعظم جي نامزدگي ۾دعائن جو اثر گهڻو هو.
