137

ٽي-20 رينڪنگ جاري، بابر اعظم ٻئي نمبر تي برقرار

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي پاران پاڪ ويسٽ انڊيز سيريز جي پڄاڻي کانپوءِ نئين ٽي-20 رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾  انگلش بيٽسمين ڊيوڊ ملان جو پهرين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٻئين نمبر تي موجود آهي، ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي هڪ درجو تنزلي کانپوءِ چوٿين کان پنجين پوزيشن تي اچي ويو آهي، پاڪستاني اوپنر محمد رضوان ستين نمبر تي اچي ويو آهي، هوڏانهن بالرن جي رينڪنگ ۾ ڪو به پاڪستاني جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو