119

قاضيا واهه جي ڪپن جو چراغ اجهامي ويو….

ھن عمر ساري صحافت جي ڳلين ۾ گذاري، ھن شھر کان موڪلايو، لکڻ، پڙھڻ، ڪچھريون، قرب ۽ عمر جي آخري شام تائين پاڻ پورھيو ڪري پيٽ گذر ڪرڻ واري واٽ تي ثابت قدم رھيو، پريس ڪلب بدين سندس ٻيو گھر ھو، گفتگو ۽ تحرير جو شھزادو الھرکيو ملاح آخري گھڙي تائين سماج ۽ سنگت سان ھمسفر ھو، زندگي ۾ ڏکن جي ڏيج تي ارھو نه ٿيو، ٽن جوان سدا ملوڪ شھزادن پٽن جي جنازن جو ڪانڌي ٿيو، بيماريون سندس در تان ھڪ پھر نه ھٽيون پر ھن درد جي رڻن ۾ ٽھڪن ۽ خوش مزاجي واري باوقار ۽ فخر لائق ادا مان ڪڏھن به ھٿ نه ڪڍيو، هن زندگيءَ جي تلخين کي ڄڻ ته مسڪراهٽن ۽ ٽهڪن سان منهن ڏيڻ جو هنر سکي ورتو هو، ايترين تڪليفن هوندي به زندهه دليءَ جو دامن نه ڇڏيائين، سندس تحرير ۽ گفتگو ۾ زندهه دلي ۽ زندگي جا روشن صبح قائم رھيا ۽ انهن روشنين کي هن ڪڏهن به جهيڻو ٿيڻ نه ڏنو، مطلب ته جيتري به شدت سان درد هن وٽ ايندا هئا ايتري ئي شدت واري زندهه دلي ۽ ٽهڪن سان هو انهن کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيندو هو، ھِن شھر جي صحافت ۽ سماجي زندگي جي ھو تاريخ ھو، جماعت اسلامي ۾ جو ڪارڪن ھو روزي نماز جو پابند ھو، لکندو جسارت ۽ وينجھار ۾ ھو، پر ھن ڪرشن چندر جا سڀ ناول پڙھيا ھئا، سندس اٿي ويٺي جي واٽ ۽ خوش خوش ھن شھر جي سمورن روشن خيال ماڻھن سان سدائين قائم رھي، اڄ سندس آخري موڪلاڻي تي ھن شھر جي ڳلين جا سڀ پرچم سر نگون آھن، افسوس قاضيا واھه جي ڪپن جو ھي چراغ به اجھامي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو