ليکڪ: عبدالسيد
افغان صوبي ۾ هلمند ۾ طالبان ۽ حڪومتي فورسز وچ ۾ خطرناڪ جنگ شروع ٿي وئي آهي، طالبان صوبائي گادي واري هنڌ لشڪرگاهه ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جتي انهن سرڪاري ريڊيو، ٽيليويزن جي صوبائي جي آفيس تي قبضو ڪري هتي 20 سالن کانپوءِ پنهنجي نشريات شروع ڪري ڇڏي آهي، ان کانسواءِ حڪومتي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ گورنر هائوس ۽ شهر جي ٻين حساس علائقن ۾ سخت ويڙهه جاري آهي، لشڪرگاهه ۾ موجود مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته شهر جي جن علائقن تي طالبان قبصو ڪيو آهي اتي حڪومتي هوائي فورسز جي سخت بمباري جاري آهي، جنهن ۾ هڪ يونيورسٽي کي نشانو بڻايو ويو آهي، افغان طالبان جي مرڪزي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان دعويٰ ڪئي هئي ته حڪومتي فورسز انڊيا کان مليل جنگي جهازن سان لشڪرگاهه جي وڏي اسپتال کي نشانو بڻايو آهي. نامور افغان صحافي بلال سروري مطابق اڱاري واري ڏينهن صبح جو آمريڪي هوائي جنگي جهازن به لشڪر گاهه ۾ طالبان ويڙهاڪن تي 2 ڀيرا سخت بمباري ڪئي، لشڪرگاهه ۾ موجود طالبان ملٽي ميڊيا ڪميشن جي سربراهه اسد افغان راقم الحروف کي تازي صورتحال بابت ٻڌايو ته طالبان لشڪرگاهه ۾ گورنر هائوس، مرڪزي جيل، پوليس، انٽيليجنس ۽ فوج جي صوبائي هيڊڪوارٽرن کانسواءِ سمورين سرڪاري عمارتن تي قبضو ڪري ورتو آهي. مقامي ماڻهن به اسد افغان جي ان دعويٰ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته طالبان انهن عمارتن جو گهيرو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان حڪومتي فورسز هڪٻئي جي مدد لاءِ نه ٿيون پهچي سگهن، اسد افغان دعويٰ ڪئي ته طالبان لشڪرگاهه ۾ واقع صوبي جي اڪيلي ايئرپورٽ جو به مڪمل گهيرو ڪري ورتو آهي ۽ انهن جا ويڙهاڪ ڪنهن به جهاز کي اڏامڻ يا لهڻ نه پيا ڏين، صحافي بلال سروري بي بي سي اردو سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته طالبان اڱاري جي صبح جو هڪ موٽر بم حملي ۾ لشڪرگاهه جيل کي نشانو بڻايو، جنهن سان جيل جي هڪ طرف جي ڀت تباهه ٿي وئي آهي، بلال سروري وڌيڪ ٻڌايو ته سخت ويڙهه جي ڪري مقامي ماڻهن کي سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ۽ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن، ويجهي ماضي ۾ هلمند جي ٻين ضلعن مان به اڪثر ماڻهو طالبان جي اڳڀرائيءَ کانپوءِ صوبائي مرڪز مان لڏپلاڻ ڪري چڪا هئا، جنهن جي ڪري هاڻ شهر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي سخت کوٽ آهي. شهر جي مرڪزي بازار جي اڌ حصي تي حڪومتي فورسز جو ڪنٽرول آهي ۽ باقي طالبان جي قبضي ۾ آهن، سخت ويڙهه جي ڪري زخمين کي اسپتال پهچائڻ به ڏکيو آهي، طالبان گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيون به نشر ڪيون، جن ۾ 24 کن اهڙن افغان فوجين کي ڏيکاريو ويو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جيڪي طالبان جي بقول لشڪرگاهه ۾ پڪڙيا هئا، بلال سروري موجب پڪڙيل فوجي ۽ حڪومتي اهلڪار طالبان کي ٻين فوجين ۽ حڪومتي اهلڪارن جي نشاندهي ڪري رهيا آهن، جيڪي لشڪرگاهه مان فرار ٿيڻ جي ڪوششن ۾ آهن. لشڪرگاهه جي اهميت ڇا آهي؟: طالبان جي ويجهو سمجهندڙ افغان صحافي نصيب زدران مطابق تاريخي لحاظ کان جنهن جو هلمند تي قبضو رهيو آهي ان کي افغانستان جي ڏکڻ ۽ مغربي صوبن ۾ اڪثريت حاصل رهي ٿي، زدران مطابق لشڪرگاهه تي طالبان جي قبضي سان افغانستان جا ڏکڻ ۽ اولهه وارا صوبا خاص ڪري هرات ۽ قنڌار مڪمل طور تي طالبان جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندا، ان ڪري طالبان ۽ حڪومت ٻنهي طرفان لشڪرگاهه تي قبضي جي ان جنگ اهڙي تيزي اختيار ڪئي آهي، 3 مهينا اڳ پهرين مئي تي جڏهن افغان طالبان گذريل سال فيبروري ۾ آمريڪا سان ڪيل دوحا ٺاهه جي جنگبندي جو مدو ختم ٿيڻ تي پنهنجي حملن جي شروعات ڪئي ته طالبان جي ان جي شروعات به هلمند کان ئي ڪئي هئي. طالبان صوبائي گادي واري هنڌ لشڪرگاهه کانسواءِ ناوا ۽ نهر السراج ضلعن تي به تيزي سان منظم حملا شروع ڪيا، جن ۾ پهريان ته حڪومتي فورسز جي مقابلي ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون مليون پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ حڪومتي فورسز سخت بمباري جي مدد سان طالبان کي نه صرف پوئتي ڌڪي ڇڏيو پر انهن کي سخت نقصان به ڏنو، پر هاڻ طالبان هلمند جي سمورن 15 ضلعن تي قبضو ڪري ورتو آهي.هلمند افغانستان جي ڏکڻ ۾ واقع ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، جنهن جون سرحدون پاڪستان جي بلوچستان صوبي کانسواءِ 7 افغان صوبن سان ملن ٿيون، جن ۾ قنڌار، نيمروز، فراه، غور، دايڪندي، ارزگان ۽ زابل شامل آهن، هلمند افغان طالبان جو هڪ تاريخي مضبوط ڳڙهه رهيو آهي جيڪو نائين اليون کانپوءِ اهڙن افغان صوبن ۾ شامل هو، جتي طالبان تڪڙا پنهنجا قدم ڄمايا، هي اهو صوبو آهي جتي آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج کي طالبان جي تاريخي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ هلمند جي هڪ اهم خاصيت اها به آهي ته هي آفيم جي پوک ۽ پيداوار واري اهم جاءِ آهي. صحافي ۽ تجزيي نگار ڊاڪٽر دائود اعظمي ٻڌايو ته گذريل 20 سالن ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته طالبان لشڪرگاهه جي اندروني اهم جاين تائين رسائي حاصل ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ افغان زميني فورسز کي ڪجهه هنڌن تي طالبان جي مقابلي ۾ ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو آهي پر انهن کي فضائي بمباري جي مدد حاصل آهي، جيڪا سندس خيال ۾ طالبان جي اڳتي وڌڻ کي روڪي ان کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي.افغانستان ۾ انٽرنيشنل ڪرائسز گروپ سان لاڳاپيل تجزيي نگار اينڊريو واٽ ڪنز جو چوڻ آهي ته لشڪر گاهه جي صورتحال انتهائي خراب آهي، هن شهر جا ٻاهر سان رابطا بلڪل ڪٽجي چڪا آهن ۽ جيڪڏهن طالبان جي تازن حملن سان ان جو دفاع ڪيو به وڃي ٿو ته پوءِ به حڪومتي فورسز ان صورتحال ۾ شايد گهڻي دير تائين ان تي قبضو برقرار نه رکي سگهنديون. سندس مطابق جيتوڻيڪ اهو يقيني طور تي نٿو چئي سگهجي ته لشڪرگاهه اهو پهريون صوبائي گادي وارو هنڌ ۽ وڏو شهر هوندو جيڪو طالبان جي قبضي ۾ اچي ويندو پر اهو واضح آهي ته هن شهر تي قبضو طالبان جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، واٽ ڪنز جيڪو ماضي ۾ افغانستان لاءِ گڏيل قومن جي سياسي مشن جو حصو به رهي چڪو آهي، ان بي بي سي کي ٻڌايو ته لشڪر گاهه تي امڪاني طالبان جو قبضو ان جي تازين دعوائن جي نفي ڪري ٿو جنهن ۾ طالبان چيو هو ته هو افغان عوام کي نقصان کان بچائڻ لاءِ في الحال وڏن شهرن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا، جيڪو سندس بقول هتي عوام جي سخت جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو. واٽ ڪنز جو چوڻ آهي ته لشڪرگاهه تي طالبان شايد في الحال پنهنجي عسڪري قوت ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جو علامتي قبضو ڪن ۽ پنهنجي ويڙهاڪن جو حڪومتي فورسز جي فضائي بمباري ۾ جاني نقصان بچائڻ لاءِ جلد ئي هتان نڪري وڃن، اڳوڻي افغان ڊپٽي منسٽر ۽ سفارتڪار زردشت شمس جو چوڻ آهي ته تازين ويڙهن ۾ طالبان کي هوائي بمباري جي ڪري جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ لشڪر گاهه جهڙي وڏي شهر تي بمباري سبب هو وڌيڪ دير پنهنجو قبضو برقرار نه رکي سگهندا. ان ڪري شمس کي لڳي ٿو ته شايد طالبان لشڪرگاهه تي قبضو نه ڪندا پر جنگي قوت جي اظهار لاءِ هتي هڪ ٿوري عرصي وارو قبضو ڪري حڪومتي فورسز کي پنهنجي برتري ڏيکارڻ چاهين ٿا، جنهن جو مظاهرو سندس بقول 6 سال اڳ طالبان قندوز ۾ به ڪيو هو پر انهن ٻن ماهرن جي راءِ تي اهو سوال به اڀري ٿو ته شايد لشڪرگاهه تي طالبان جي قبضي کانپوءِ اتان حڪومتي فورسز پاران انهن کي ڪڍي ٻاهر ڪرڻ، ٻين صوبن ۾ طالبان ويڙهاڪن جي مورال کي نقصان پهچائي، ڇو ته افغان حڪومت جا ميمبر ۽ طالبان جا ٻيا افغان مخالف شروع کان ئي اهو چوندا پيا اچن ته طالبان هن وقت تائين جن ضلعن تي قبضو ڪيو آهي اهي پري گهٽ آبادي وارا علائقا آهن، جڏهن ته وڏن شهرن ۾ ملڪ جي گهڻي آبادي رهي ٿي ان ڪري حڪومتي فورسز انهن جي دفاع تي ڌيان رکي ويٺل آهي ۽ طالبان جو ان تي قبضو آسان نه آهي. واٽڪنز ۽ زردشت شمس جي ابتڙ نصيب زدران جو چوڻ آهي ته لشڪر گاهه جي ويڙهه مان لڳي ٿو ته طالبان پنهنجي جنگي حڪمت عملي ۾ تبديلي آندي آهي، انهن هن وقت تائين وڏن شهرن ۽ گادي وارن هنڌن تي قبضي کان پاسو ڪيو هو، ڇو ته ان لاءِ وڌيڪ وسيلا ۽ فردي قوت گهربل هئي ۽ ان ڪري طالبان لشڪرگاهه تي قبضي لاءِ پنهنجي اسپيشل فورسز سميت گهڻي فردي قوت لڳائي آهي، سندس مطابق طالبان لشڪرگاهه تي جلد کان جلد قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن هتان گذرندڙ ڏکڻ ۽ اولهه ضلعن جي روڊن تي ڪنٽرول ڪري سگهن ۽ هتي مصروف پنهنجي گهڻي فردي قوت ۽ خاص دستن کي ٻين شهرن تي قبضي لاءِ وڌائين.