ليکڪ: ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي
جڏھن پوري دنيا مقتل گاھه ٺھي چڪي آھي ۽ ھر طرف لاشن کي دفنائڻ لاءِ قبرستان گھٽجي ويا آھن، ذھن مفلوج ٿي چڪا آھن ۽ گھرن ۾ مھينن کان قيد ٿيل خاندانن جون سوچون ساڪن ٿي ويون آھن. ٿر جي ڏڪار وانگي عوام جون ڄِڀون ٻاھر نڪري آيون آھن، جيڪي ڀيانڪ دل ڏاريندڙ منظر اسان فلمن يا ڊرامن ۾ ڏسندا ايندا ھئاسين، اھي حقيقت ۾ اکين جي سامھون ڏسي دل کي وڏي تڪليف ٿئي ٿي. دنيا جي قائم ٿيڻ کان وٺي ھن دور جي ڪورونا جي قھرن تائين مون ڪٿي به نه پڙھيو ۽ نه ٻڌو ته ھڪ ئي وقت پوري دنيا تي ڪورونا جھڙي ڪنهن وبا جي ڪري ڊڄي ماڻهن سماجي لاڳاپن کا پاڻ کي روڪي ڇڏيو هجي، ننڍڙي تجزيي موجب ھتي اھي لفظ لکندي ڪجھه اچرج واري ڪيفيت تاري ٿي وڃي ٿي ته ﷲ تعاليٰ جي حڪمن کان انڪار ۽ قومن جي بڇڙائي انهن لاءِ عذاب جو سبب ٿيندي ھئي، اڳ اھو عذاب ڪنھن ھڪ قوم يا ھڪ علائقي تي نازل ٿيندو هو، پر ھلندڙ دور ۾ پوري دنيا تي ڪورونا وبا جي ڪري ايڏو وڏو عذاب آيو آھي. مطلب گذريل زمانن کان وڌيڪ گناھه ۽ بچڙايون ھن دور ۾ پوري دنيا ۾ پيدا ٿي چڪيون آھن، جنھن جي ڪري عذاب جي لت ۾ پوري دنيا وڪوڙجي چڪي آھي، ھي سٽون لکڻ وقت ڪيفيت ڪجهھ عجيب آھي ذھن ۾ عجيب قسم جو خوف آهي ۽ ڪنھن ڪنڊ ۾ موت جي لرزش محسوس ٿي رھي آھي، ان باوجود قومن جي بقا جي دعا لکڻ تي دل چوي ٿي، سوچ اھائي آھي ته فڪر جي ھن مرحلي ۾ پنھنجن جي سورن جو ساٿي ٿجي، ڇوته حق جي جنگ وڙھي موت کي ڀاڪر پائڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي، عالمي منڊيءَ جي جھيڙي ۾ جنھن ۾ ٽين عالمي جنگ تيرن، تلوارن، ڀالن ۽ بندوقن بدران ڪيميائي جراثيمي ھٿيارن ذريعي وڙھي ويندي ان ڪيميائي جراثيم جو ننڍڙو نمونو ھن زندگيءَ ۾ ڏسي من مٿان مونجهھ ۽ مايوسي تڏھن ويتر وڌي ٿي وڃي جڏھن سوچ جي سرحدن جي ھن پار کان آواز الجھائي ڇڏي ٿو ته اسانجي ايندڙ نسلن جي حياتين ۾ جيڪڏهن ڪيميائي جراثيمن واري جنگ لڳي وئي ته انھن جي صورتحال ڇا ھوندي ۽ ڪھڙي نموني ھو ان وقت جو مقابلو ڪندا، پوري دنيا جي معاشي ۽ سماجي حالت ڪنھن اپاهج ٻار وانگي زمين تي گسڪي رھي آھي، ڪورونا وائرس جتي سڄي دنيا کي معاشي طور پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ته ان جا زندگيءَ تي به تمام خراب اثر پيا آهن، سوشل ميڊيا جي گھڻي واهپي جي ڪري هونئن به سڀني ۾ هڪ اڪيلائپ ۽ نفسياتي مونجھارن وارا لاڙا وڌي ويا آهن، هن اڪيلائپ واري صورتحال ۾ ڪورونا جيئن انساني زندگي جي رستا روڪ ڪئي آهي ان جا گھرا اثر هاڻ آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيا آهن، اسپتالون هجن، ٿاڻا يا عدالتون هر هنڌ هاڻي توهان کي نئين اڻڄاڻ خطري واري صورتحال نظر ايندي، جنهن لاءِ هر فرد پنهنجي بقا لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. ڪي ان جو فهم ۽ ڄاڻ رکن ٿا ته ڪي وري اهڙا آهن جن کي ڪا به ڳڻتي ناهي، اهڙا غير ذميوار فرد پاڻ کي هن موتمار وبا جو سولو شڪار بڻائين ٿا، سندن لاپرواهيءَ سبب ٻيا به ڪيترائي فرد ان وائرس جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا، پوءِ انهن لاپرواهن لاءِ سرڪاري لٺ ۽ فوج جو گشت ئي موزون آهي، ڪورونا کان بچاءَ لاءِ تجويز ڪيل ايس او پيز تي عمل لاءِ وات ٽڪاڻي جو نتيجو اهو نڪتو جو شهر ۾ ڪيس 16 کان 18 سيڪڙو وڌي ويا، لاڪ ڊائون ئي انهن تي ضابطو آڻي سگھي ٿو. اهڙي غير يقيني صورتحال گذريل پوڻن ٻن سالن کان جاري آهي، ملڪ جا تعليمي ادارا ٻڏتر جو شڪار آهن، پرائمري سطح تي شاگردن کي گھڻين ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اعليٰ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون ڪنهن حد تائين آن لائن ڪلاسن وسيلي شاگردن جي تعليم جو بندوبست ڪن پيون پر آن لائن تعليم بابت سهولتن جي سنڌ ۾ اڻهوند آهي، زميني حقيقتن موجب ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر پڻ سڄي دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو آهي، خاص ڪري ڀارت ۾ ته ان وائرس مڪمل طور تي تباهي آڻي ڇڏي آهي پر افسوس ته پاڪستان جي وفاقي حڪومت اڃا به ان معاملي کي ان سنجيدگي سان نٿي وٺي جنهن جي نشاندهي ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي وڏي وزير پريس ڪانفرنس ۾ ڪئي آهي، وڏي وزير ان پريس ڪانفرنس ۾ ڪورونا وائرس بابت جنهن سنجيدگي ۽ ڳڻتي جواظهار ڪيو آهي تنهن سان اسان مڪمل طور تي متفق آهيون ۽ اها به حقيقت آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وبا جي پهرين لهر کان هن لهر تائين سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو آهي جيڪو ان کي ڪرڻ گھرجي، وفاقي حڪومت مخالف ڌر تي پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ بنا ڪورونا جي زندگي ۽ موت واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون سڀ صلاحيتون ۽ توانائيون استعمال ڪري ته بهتر آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت کي ليڊ ڪرڻ گھرجي ۽ سڀني ڌرين کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، وزيراعظم جيڪڏهن سخت لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جهڙيون حالتون لاڳو ڪرڻ جو حامي ناهي ته ڀلا ايس او پيز تي هر ممڪن طريقي سان عمل ڪرائڻ ۾ حڪومت جي ڪهڙي ڪارڪردگي رهي آهي، اها صورتحال ان ڳالهھ جي خوفناڪ حقيقت آهي ته ڪورونا وائرس تي هڪ ملڪ اندر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هڪ صفحي تي ناهن ته ان جو سبب ڇا آهي؟ اسان ان جو ذميوار وفاقي حڪومت کي ڄاڻايون ٿا. ان کي ڪورونا وبا جي جنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ سياسي اختلاف وساري پارليامينٽ سان گڏجي گڏيل پاليسي جوڙڻ گهرجي ها پر ان هن موتمار صورتحال ۾ به سياست ڪئي.ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي سڀني پارلياماني جماعتن کي گڏ ويهارڻو پوندو ۽ گڏيل طور تي حڪمت عملي ٺاهڻ جو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو ته جيڪڏهن مڪمل لاڪ ڊائون يا ڪرفيو نما ماحول نه ٺاهجي ته پوءِ ايس او پيز کي ڀلا ڪيئن يقيني بڻائجي ۽ جيڪڏهن وزيراعظم لاڪ ڊائون جو حامي ناهي ته پوءِ ان وٽ ٻي ڪهڙي حڪمت عملي آهي ۽ ان سان ايس او پيز تي ڪهڙي ريت عمل ٿي سگهي ٿو، جنهن سان جان به بچي ۽ ڪاروبار به هلندو رهي، جيڪڏهن اها حڪمت عملي هو ٻين صوبن سان شيئر ڪري ۽ اها قابل عمل هجي ته ان تي هلڻ ۾ ڪو به عار نه آهي، پر جيڪڏهن رڳو سمارٽ لاڪ ڊائون وارو فلسفو آهي ته ان تي به عمل ٿي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي سڀني جماعتن کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن عوام جي عظيم مفاد ۾ ان جي جان بچائڻ لاءِ سياسي نظرين ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي سوچيو ويندو، حڪومت سڀني جي هوندي آهي مخالف ڌر جو خيال ڪرڻ به حڪومت جو ئي فرض آهي، سياسي مخالفت ۽ انتقامي ڪارروائين ۾ بهرحال فرق ڪرڻ گهرجي ان ۾ ئي ملڪ جي ڀلائي آهي.