121

ايران ۽ اسرائيل ۾ هلندڙ ڳجهي جنگ ڪٿي دنگ ڪندي..؟

ليکڪ: فرينڪ گارڊنر

گذريل هفتي هڪ واپاري ٽينڪر تي ڊرون حملي کانپوءِ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي، سفارتڪارن کي گهرايو پيو وڃي ۽ پلانگ وٺڻ جون ڌمڪيون عوامي طور تي ڏنيون پيون وڃن، برطانيا، آمريڪا ۽ اسرائيل ٽئي ايران تي الزام هڻي رهيا آهن، جڏهن ته ايران ان جي پرزور ترديد ڪئي آهي،  گڏوگڏ ايران پنهنجي مفادن کي نقصان پهچندڙ ڪنهن به قدم جي سخت جواب ڏيڻ واري عزم جو اظهار پڻ ڪيو آهي ته نيٺ ٿيو ڇا آهي؟ ۽ ان سڀ جي پويان ڇا آهي؟ خميس واري رات 29 جولاءِ تي وچولي سائيز جو آئل ٽينڪر ايم وي مرسر اسٽريٽ ڪارگو کانسواءِ تنزانيا ۾ دارالسلام کان گڏيل عرب امارتن جي فجيره بندرگاهه ڏانهن ويندي اومان جي ساحل کان ٿورڙو پري هو، ان جهاز تي لائبيريا جو جهنڊو آهي ۽ اهو هڪ جاپاني ڪمپني جي ملڪيت آهي پر ان کي زوڊيئڪ ميري ٽائم نالي اسرائيلي ڪمپني کي هلائي ٿي، پوءِ ان ٽينڪر ۾ ڌماڪو ڪندڙ مواد سان ڀريل هڪ ڊرون اچي لڳو جيڪو ان جي برج جي ويجهو ڦاٽو، جنهن سان رهائشي ڪمرن کي نقصان پهتو ۽ هڪ رومانين ۽ هڪ برطانوي سيڪيورٽي گارڊ ان حملي ۾ مارجي ويا. ان کانپوءِ آمريڪي سامونڊي فوج جا 2 جنگي جهاز ان سامونڊي جهاز کي بندرگاهه تائين وٺي ويو، هلندڙ سال اسرائيل سان لاڳاپيل جهاز راني تي ڪيترائي حملا ٿيا آهن ۽ انهن سڀني جو الزام ايران تي هنيو ويو آهي ۽ ايران انهن سمورن الزامن کان انڪار ڪيو آهي، اسرائيل بابت به خيال ڪيو پيو وڃي ته هو اپريل ۾ احمر سمنڊ ۾ هڪ ايراني فوجي رسد جي بحري جهاز جي ڀرسان پراسرار ڌماڪي جي پويان آهي. اهو سڀ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ ڳجهي جنگ سڏرائيندڙ ويڙهه جو حصو آهي، اها ڏي وٺ هڪ خطرناڪ راند آهي، جنهن ۾ مبينا طور تي اسرائيل طرفان ايراني ائٽمي سائنسدانن کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ ان طرفان ايران جي نيوڪليئر ڊولپمنيٽ پروگرامن کي به ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو آهي.

 انٽيليجنس جي غلطي: جيڪڏهن برطانيا، اسرائيل ۽ آمريڪا جي دعوائن مطابق واقعي ايران ان حملي جي پويان آهي ته اها ايراني انٽيليجنس جي هڪ فاش غلطي آهي، ان جو جهيڙو بنيادي طور تي اسرائيل سان آهي، ان ڪري هڪ برطانوي شهري کي قتل ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ مستقل ميمبر کي ان جهيڙي ۾ ڇڪي اچڻ سان سفارتي طور تي مسئلا پيدا ٿيندا، بورس جانسن چيو آهي ته ايران کي پنهنجي قدمن جي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو، هن ان کي ناقابل قبول ۽ اشتعال انگيز حملو قرار ڏنو آهي، برطانيا ايران جي سفير بهروند کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ ان کي چيو ويو ته سندس ملڪ کي عالمي جهاز راني کي خطري ۾ وجهڻ وارا قدم فوري طور تي روڪڻا پوندا، ايران هڪ مشتعل ترديد ڪئي آهي ۽ حملي ۾ ان جي ملوث هجڻ جا ثبوت ڏيکارڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ايران جي پرڏيهي وزارت به تهران ۾ برطانوي ناظم الامور کي طلب ڪيو ۽ برطانيا، اسرائيل ۽ آمريڪا جي الزامن کي هڪ بي بنياد پروپئگنڊا قرار ڏنو آهي. انهن ٽنهي ملڪن ردعمل جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، پر جتي عوامي طور تي سندن گڏيل موقف آهي اتي انهن جا مختلف مقصد به آهن، برطانيا ۽ آمريڪا ايران سان 2015ع واري ائٽمي ٺاهه جي بحالي چاهين ٿا، ان ٺاهه تحت ايران جي سول ائٽمي پروگرام تي سخت حدون ۽ قائدا لاڳو ڪري ان تان سخت اقتصادي پابنديون هٽايون ويون هيون پر اهو ائٽمي ٺاهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آمريڪا کي 2018ع ۾  هڪ طرفي طور تي ان معاهدي مان ڪڍڻ سبب موثر ناهي رهيو، ان حوالي سان ويانا ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن پر اسرائيل ان ائٽمي ٺاهه کي پسند نٿو ڪري، هو ان کي ايران جي مبينا ائٽمي تحقيق لاءِ هڪ پردو تصور ڪري ٿو، ان ڪري جڏهن اسرائيل چوي ٿو ته هو ايران کي اهڙي پيغام موڪليندو جو کيس سمجهه ۾ اچي ويندو ته اهو برطانيا ۽ آمريڪا جي مقابلي ۾ وڌيڪ خطرناڪ پيغام ٿي سگهي ٿو. اسرائيل جي انٽيليجنس سروس موساد ايران جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۾ مداخلت ڪرڻ ۾ حيران ڪندڙ حد تائين ڪامياب رهي آهي، ان ڪري اها اهڙي ڌمڪي آهي، جنهن کي امڪاني طور تي تهران ۾ سنجيدگي سان ورتو ويندو ۽ آخر ۾ انهن مغربي ملڪن کي اهو ڏکيو مرحلو به سامهون آهي ته ان حملي بابت ڪهڙي انٽيليجنس ڄاڻ عام ڪئي وڃي، ايران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان وٽ اسان جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن ته اچو ڏسون ٿا، پر جيڪا به انٽيليجنس گڏ ڪئي وئي آهي، ان ۾ يقيني طور تي ڳجها ذريعا ۽ امڪاني طور تي ڪميونيڪيشن جي رڪارڊنگ (سگنلز انٽيليجنس) ٿي سگهي ٿي، جنهن بابت آمريڪي ۽ برطانوي جاسوس نه چاهيندا ته ايران کي ان جي خبر پوي، پر جيڪڏهن اهي مبينا طور تي ايران طرف اشارو ڪندڙ ڄاڻ عام ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا ته ڪيترائي ماڻهو چوندا جيئن اهي پهريان ئي سوشل ميڊيا تي چئي رهيا آهن ته اهو سڀ ايران کي هڪ اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ڏيڻ لاءِ گهڙيل بهانو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو