132

ڪتاب ”پيءُ جا ڌيءُ ڏانهن خط“ جو جائزو

ليکڪ: علي عاجز

آل اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پاران 31 جولائي 2021ع ٿي گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته هن لاڪ ڊائون جي 7 ڏينهن کي ” مطالعي جي هفتي “ طور ملهايو وڃي. سڀ ساٿي پنهنجي پنهنجي پسند جا ٽي ڪتاب ضرور پڙهن.ان سلسلي تحت مون اڄ هندستان جي هڪ وڏي سياستدان جواهر لعل نهرو جو لکيل ڪتاب” پيءُ جا ڌي ڏانهن خط “ پڙهيو آهي جنهن ۾ ڪُل 30 خط شامل آهن، جيڪي هن پنهنجي ڌي اندرا گانڌي ڏانهن سال 1929ع ڌاري تڏهن لکيا هئا جڏهن اندرا گانڌي جي بقول سندس عمر 9 کان 10 سال مس هئي ۽ اتر هندستان ۾ گرمين جا ڏينهن گذارڻ آئي هئي، ان عمر ۾ جواهر لعل نهرو هڪ ذميوار پيءُ جي ناتي سان پنهنجي ڌي کي انتھائي اهم سماجي سائنس / قدرتي سائنس جي مضوعن بابت سادي ۽ سلوڻي نموني ڄاڻ ڏيڻ چاهي آهي جيڪا ڄاڻ اڄ صدي پُڃاڻان به اسان جا ڪافي يونيورسٽي جا شاگرد به حاصل ناهن ڪري سگهيا، اهوئي سبب آهي جو اڄ اسان جا علم نباتات جي شعبي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون به وڻن ۽ ٻوٽن جو سائنسي ڇيد ڪرڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن مذهبي ڪتاب جو حوالو ڏئي چوندا آهن ته زيتون، انجير، کجور ۽ انگور جي وڻن جو ٻج به سڌو جنت مان ڌرتي تي اماڻيو ويو آهي ته علم حيوانات جا شاگرد سمجهندا آهن ته ڌرتي تي  پهريان  انسان آدم ۽ بيبي حوا هئا، جن  کي جنت مان هيٺ لاٿو ويو تنهن ڪري هو فطرت جو اڀياس ڪرڻ کان ئي نڪورا رهجيو وڃن، تنهن ڪري اسان انتھائي اهم مسئلن بابت نه ڪا عالمي ليول جي تحقيق ڪري سگهون ٿا نه وري ايجاد. پر هتي هڪ ٻيو مسئلو به آهي ته تحقيق ۽ ايجاد ته آزاد قُومن ۽ ملڪن جا ماڻھو ئي ڪري سگهن ٿا  نه ئي وري غلام قومن جا فرد. پر هندستان ته ان وقت به غلام هو، غلام قوم جا ساڃاھه وند فرد پنهنجي نئين نسل ڏانهن ڏاهپ ۽ علم ته منتقل ڪري سگهن ٿا ته اهي آزاد ذهن ته پيدا ٿين جيڪي آزادي جي معنيٰ ۽ مفهوم ته سمجهي سگهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو نهرو جهڙي اعليٰ پائي جي سياستدان هن ڪتاب ۾  جيڪو پهريون خط لکيو آهي، ان جو نالو ئي رکيو اٿس. ”فطرت جو ڪتاب“ جنهن ۾ هو اندرا کي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته فطرت جي ويجهو وڃ! ڌيان ۽ ڌيرج سان سندس اڀياس ڪر،  جنهن ۾ هڪ پٿر جو مثال ڏئي سمجهائي ٿو ته اهو فطري ڪتاب ڪهڙي ريت پڙهي سگهجي ٿو، ٻئي خط ۾ کيس ٻڌائي ٿو ته تاريخ ڪيترو اڳ جي لکيل آهي، رامائڻ ۽ مهاڀارت کي قديم تاريخي ڪتاب / نه ئي مذهبي ڪتاب سمجهندي کيس اهو به ٻڌائي ٿو ته هي ڪتاب تڏهن لکيا ويا هئا. ” جڏهن هندستان هڪ شاهوڪار ۽ طاقت ور ملڪ هو، اڄ اسان جو ملڪ غريب آهي ۽ ڌاريا ماڻھو اسان تي راڄ ڪن ٿا، اسان پنهنجي ملڪ ۾ ئي غلام آهيون ۽ پنهنجي مرضي سان ڪجهھ به نه ٿا ڪري سگهون.“ هي اهو ئي احساس آهي جيڪو هن وقت به اسان جي هر فرد کي پنهنجي ٻارن جي ذهنن ۾ پيدا ڪرڻ گهرجي، ان کان پوءِ نهرو اندرا کي ڌرتي جي ٺھڻ، پهرين جاندار شين ۽ جانورن جي ظاهر ٿيڻ ۽ انسان جي اچڻ بابت پڻ آگاھه ڪري ٿو. جنهن ۾ کيس ٻڌائي ٿو ته ”انسان ۽ ٻين جانورن ۾ فرق صرف هڪ صلاحيت جو آهي ۽ اها صلاحيت آهي سوچڻ جي“ يعني عقل، باقي عملي طرح هڪڙي جاهل ماڻھو ۽ وحشي جانور ۾ ڪو فرق ڪونهي“ منهنجي خيال ۾ اهو ئي سبب آهي جو قابض قومون غلام قوم جي ذهين ماڻھن کي ماري ڇڏينديون آهن، يا زندانن ۾ واڙي ڇڏينديون آهن ته غلام قوم ۾ وڏي پيماني تي پنهنجي حالت تبديل ڪرڻ جي ذهني سگھه ۽ صلاحيت پيدا ٿي نه پوي جيڪڏهن ڪنهن به محڪوم قوم جي ماڻھن ۾ اها سوچڻ جي صلاحيت پيدا ٿيو پوي ته جابرن کي پنهنجا جوتا ڳولڻ جو به وقت ناهي ملندو، اهي پيرين اگهاڙا ئي ڀاڄ ڪندا آهن، جواهر لعل نهرو ٻين خطن ۾ کيس اوائلي انسانن، مختلف قومن جي ٺھڻ ۽ انهن جي ٻولين بابت به ٻڌائي ٿو ته کيس ان ڳالهھ جي آگاھي به ڏئي ٿو ته تهذيب ڇا آهي؟ قبيلن جي شروعات ڪيئن ٿي؟ زراعت جي ڪري ڪهڙيون تبديليون آيون؟ مذهبن ڇو وجود ورتو؟ واري عنوان تحت لکيل خط ۾ کيس ٻڌائي ٿو ته ”اوائلي دور جي انسان سمجھيو ٿي ته هر بدبختي جو سبب ڪاوڙيل ۽ حاصد قوت آهي، هن انهن تصوراتي خدائن کي هر هنڌ ڏٺو ٿي، مثال طور جهنگلن ۾، جبلن ۾، ندين ۾، ڪڪرن ۾ ۽ ان بابت هنن جو تصور اھڙي بدمزاج ۽ چيڙاڪ ماڻھو جهڙو هو،  ڄڻ هو هنن جي ڪروڌ کان ڊنا ٿي، تنهن ڪري سدائين کيس رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، جڏهن ڪا وڏي تباهي ايندي هئي ته ان کي خوش ڪرڻ لاءِ ان حد تائين ويندا هئا جو مردن توڙي عورتن کي قربان ڪندا هئا ۽ پنهنجي ٻچڙن کي ماري ڇڏيندا هئا، جيتوڻڪ اها دل ڏاريندڙ ڳالهھ ٿي لڳي. پر ڊڄندڙ ماڻھو هر ڳالهھ ڪري گذري ٿو، پر اڄ به اسان ڏسون ٿا ته ماڻھو مذهبن جي نالي ۾ وڙھن ٿا ۽ هڪٻئي جا مٿا ڦاڙين ٿا ”اڳتي کيس ٻڌائي ٿو ته پروهت ۽ پٽيل ڪيئن بڻيا؟ انهن ڪهڙي ريت ترقي ڪئي؟ بادشاھ ڪيئن ٿيا ؟ دنيا جون سڌريل سڀيتائون ڪهڙيون هيون؟ مصر، ڪويت، چين ۽ ڀارت جي اوئلي تهذيبن بابت به کيس آگاهي ڏي ٿو ته کين قديم دور جي سامونڊي سفر ۽ وڻج واپار بابت به ٻڌائي ٿو، حقيقت ۾ ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو هي ڪتاب مڊل اسڪول جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته اسان جو ٻار دنيا کان روشناس ٿي سگھي پر ايئن ٿيڻ ممڪن ڪونهي، تنهن ڪري مجموعي طور تي ايئن چئي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب سمورن ڏهن سالن جي عمر کان ويندي 30 سالن جي عمر تائين جي انسانن لاءِ انتهائي ڪارائتو آهي، جيڪو بنيادي شين بابت سندن سوچ ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو