ايڊيٽوريل
2 سال اڳ ٺيڪ اڄوڪي ڏينهن تي ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جي وزيراعظم نريندر مودي ڀارتي آئين ۾ ڪشمير کي ڏنل خاص حيثيت کي لتاڙيندي ڪشمير تي طاقت جي زور تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ اتي انساني حقن جي لتاڙ ڪندي پنهنجي فوجن کي موڪلي ٻن سالن کان هزارين ڪشميرين کي بنا ڪنهن سبب جي باندي بڻائي ويٺل آهي، ڪشمير ننڍي کنڊ جو هڪ اهڙو حل طلب مسئلو آهي جيڪو اڄ به گڏيل قومن جي قراردادن تحت آزاديءَ جي راءِ جي حق کان به محروم بڻايو ويو آهي، ننڍي کنڊ ۾ 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ ڪشمير کي عالمي طاقتن انڊيا سان ملي ڀڳت ڪري جهڙي نموني ورهائي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ اتي گڏيل قومن جي قراردادن تحت ڪشمير کي راءِ شماري جو حق ڏيڻ وارو فيصلو ڪيو ان تي به پاڪستان ڪو اعتراض نه واريو، ان باوجود گذريل 74 سالن کان عالمي ضمير ستل آهي، جنهن سبب ڪشميري اڄ به ظلم ۽ بربريت جو شڪار آهن، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي وادي انساني بربريت ۽ ظلم جو اهڙو نمونو آهي جيڪو اڄ به دنيا جي سپر پاورن کان اهو سوال ڪري رهي آهي ته نيٺ ان جو ڪهڙو قصور آهي جو دنيا جي سمورين طاقتن ان تي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ کان به بس ڪري ڇڏي آهي، دنيا جو سپر پاور آمريڪا اڄ به چائنا ۾ اويغور مسلمانن ۽ تبت واسين جي لاءِ ته آواز اٿاري ٿو ۽ دانهون ڪري ٿو ته چين اتي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي پر اهو ئي آمريڪا ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، گذريل 74 سالن کان پاڪستان ڪشميرين جي مڪمل اخلاقي ۽ سفارتي مدد ڪندو رهيو آهي ۽ عالمي پليٽ فارمن تي اهو آواز اٿاريندو رهيو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن تحت ڪشميرين کي انهن جي راءِ جي اظهار جو حق ڏنو وڃي، بنيادي طور تي ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي خطابن ۾ واضح چيو هو ته ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جي آزادي واري جدوجهد مڪمل نه ٿيندي، پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به گڏيل قومن جي اجلاس دوران تاريخي خطاب ڪندي دنيا کي چيو هو ته ڪشمير جي لاءِ اسان کي 100 سالن تائين وڙهڻو پيو ته به وڙهنداسين پر ان تان هٿ نه کڻنداسين، ان کانپوءِ ايندڙ وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ميان محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين پڻ ڪشمير جي آزادي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي ۽ موجوده وزيراعظم پڻ ڪشميرين جي ان اظهار راءِ جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عالمي ضمير سجاڳ ٿئي ۽ ڪشميرين کي انهن جي راءِ جي اظهار جو حق ڏياريو وڃي ۽ گڏيل قومن واري تنظيم کي رڳو ڏيکاءُ ۽ شوشا لاءِ رکڻ بدران ان کي متحرڪ ڪري مڪمل آزاد ڪيو وڃي جيئن اهي پنهنجن فيصلن تي عمل ڪرائي سگهن، دنيا جي سمورن سپر پاورن کان ويٽو واري طاقت واپس ورتي وڃي، ڇو ته اڄ به ڪيترائي اهڙا حل طلب مسئلا آهن جيڪي آمريڪا جي ويٽو پاور جي ڪري حل نه پيا ٿي سگهن، انهن ۾ سڀ کان اهم مسئلا ڪشمير ۽ فلسطين جا آهن، ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ظلم ۽ جبر سان ڪنهن قوم کي جهڪائي نٿو سگهجي، آمريڪا جهڙو سپر پاور افغانستان جهڙي ننڍڙي ملڪ کي پنهنجي سموري طاقت باوجود غلام نه بڻائي سگهيو ته پوءِ ڀارت ڪشميرين کي غلام ڪيئن ٿو بڻائي سگهي، ان ڪري هاڻ دنيا جي ضمير کي ڪشميرين جي آزادي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ڇو ته آزادي انهن جو حق آهي ۽ ان کي ڪير به صلب نٿو ڪري سگهي.