144

گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي جو حل خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ عالمي قانون جون خلاف ورزيون پيدا ڪري رهيو آهي جيڪو علائقي جي امن لاءِ خطرو آهي، ڪشميري عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي جو حل خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چي آهي ته والاريل ڪشمير ۾ غير انساني فوجي گهيري، ڊيموگرافڪ جون تبديليون، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جون خلاف ورزيون انساني ۽ سلامتي جو بحران پيدا ڪري رهيون آهن. آرمي چيف چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سلامتيءَ جو بحران علائقائي امن لاءِ خطرو آهي، ڪشميري عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي جو حل خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته ڪشميرين جي اُمنگن مطابق تڪرار جي حل کانسواءِ امن ممڪن ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو