ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.مڪاني ادارن جي کاتي واري سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت بيريسٽر مرتضيٰ وهاب کي فوري طور تي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته لئيق احمد کان چارج واپس ورتي وئي آهي.
