113

خيرپور ويجهو ٽرالر جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر، هڪ عورت فوت، 2 زخمي

سکر (ويب ڊيسڪ) خيرپور ويجهو ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق هنڱورجا ۾ قومي شاهراهه تي هڪ ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪرو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت نمانه موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته محبوب علي ۽ عمر زخمي ٿي پيا. جن کي سول اسپتال هنڱورجا منتقل ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو