131

مودي ڪشمير جي مظلوم عوام تي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي: اعظم خان سواتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته مودي ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. بين الاقوامي طاقتون ڪيستائين مودي جي ان ڀيانڪ راند کي خاموشيءَ سان ڏسنديون رهنديون. پنهنجي پيغام ۾ اعظم خان سواتي چيو ته ڪشميري عوام تي ٿيل ظلم تمام جلد ختم ٿيڻ تي آهي. اسان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي آزاديءَ جي متوالن سان سينو سيني سان ملائي بيٺا آهيون، آزاديءَ واري تحريڪ جي ان شمع کي اسان ضرور روشن ڪنداسين. ڪشميرين پنهنجي رت سان جيڪو ڏيئو روشن ڪيو آهي، هنن آزاديءَ خاطر بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. ڪشميري عوام جي آزاديءَ جي تحريڪ کي دلي طور سلام پيش ڪريون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو