115

محرم دوران مذهبي هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم، امن امان کي يقيني بڻايو وڃي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام ۾ امن امان کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، امن امان برقرار رکڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز مقرر ڪئي ويندي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق وفاقي وزير شيخ رشيد محرم الحرام دوران امن امان جي حوالي سان گهرو وزارت ۾ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت، پنجاب، بلوچستان، سنڌ، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن، جڏهن ته سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر پڻ شرڪت ڪئي. گهرو وزير اجلاس کي خطاب ڪندي هدايت ڪئي ته محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ امن امان کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، وفاقي حڪومت امن امان جي حوالي سان سمورا وسيلا ميسر ۽ سهولتون فراهم ڪندي، امن امان برقرار رکڻ لاءِ انتظاميه جي مدد لاءِ سول آرمڊ فورسز مقرر ڪئي ويندي. هن چيو ته حساس علائقن جي سيڪيورٽي لاءِ خصوصي طور قدم کنيا ويندا. گهرو وزير چيو ته امن امان جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي گادي وارن هنڌن جو دؤرو پڻ ڪندو. هن چيو ته محرم دوران مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيارن لاءِ قدم کنيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو