136

سي پيڪ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سهڪار کي وڌائي رهيو آهي: چيني تجزيو ڪندڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شنگهائي انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل اسٽيڊيز ۾ چين-ڏکڻ ايشيا سهڪار بابت ريسرچ سينٽر جي سيڪريٽري جنرل ليوزونگئي چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي آئرن برادر دوستي سي پيڪ تحت خاص طور تي واپار جي شعبي ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي. هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪيترن ئي صنعتن جا ڪيترائي چيني واپاري ادارا پاڪستان جي گوادر بندرگاهه ۾ قائم ٿيا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ مقامي ڪمپنين سان سهڪار ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته چين ماهيگيري لاءِ ڪولڊ اسٽوريج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري رهيو آهي. چين جي رينمين يونيورسٽي ۾ چونگ يانگ انسٽيٽيوٽ فار فنانشل اسٽيڊيز جي سينيئر تحقيق ڪندڙ چارونگ پڻ چيو ته سهڪار وڌائڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان انٽرپرائزز جي وڌيڪ سهڪار جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو