163

حيدرآباد ويجھو سنڌو دريا جي ڊائون اسٽريم ۾ وھنجندي چار ٻارڙا ٻڏي فوت، لاش هٿ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ڪوھسار ويجھو سنڌو دريا جي ڊائون اسٽريم ۾ وھنجندي چار ٻارڙا ٻڏي فوت. تفصيل مطابق چارئي نوجوان ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي گهران نڪتا هئا جيڪي رات دير تائين واپس گهر نه پهتا ۽ سندن موبائل فون بند ٿيڻ تي گهر وارن انهن جي گمشدگي جي رپورٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي جنهن ڳولا بعد گذريل ڏينهن صبح جو فجر وقت چئني نوجوانن جا لاش ڪوهسار ويجهو سنڌ درياھه مان هٿ ڪري ورتا. ٻڏي فوت ٿيلن ۾ 2 سڳا ڀائر شامل آهن. فوتين ۾ 19 سالن جو متين ضيا 15 سالن جو اويس خالد يوسفزئي ۽ ٻه سڳا ڀائر 16 سالن جو حمزه سلطان ۽ 14 سالن جو عمير سلطان شامل آهن. فوتين جا مڙه ڀٽائي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ڄاڻايل 4 ئي نوجوان لطيف آباد 12 نمبر جا رهواسي هئا. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو