ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ 5 آگسٽ جو ڏينهن آهي ۽ اڄ جي ڏينهن ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي هئي ۽ اسان اڄ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ ڪورونا ايس او پيز کي اختيار ڪندي وزيراعليٰ هائوس جي لان ۾ هڪ ريلي منعقد ڪئي آهي. ريلي جو بندوبست ڪمشنر ڪراچي ڪيو. ريلي ۾ صوبائي وزيرن سميت ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ نديم انجم، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل افتخار چوڌري ۽ اعليٰ عملدارن ۽ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعليٰ هائوس جي لان تي پاڪستان ۽ ڪشمير جا جھنڊا لهرايا ويا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ڀارتي ظلم واريون تصويرون کڻي واڪ ڪئي وئي. ريلي جي شروعات قومي تراني ۽ ڪشميري گيت سان ڪئي وئي. ريلي جي سڀني شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جون جھنڊيون کنيون.
