ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي پاران محرم الحرام دوران موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. ان حوالي سان گهرو کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ 8، 9 ۽ 10 محرم الحرام تي ٽي ڏهاڙا ٻيلهه موٽر سائيڪل جي سواري تي پابندي هوندي.
