120

سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن، وفاق صوبن جي قانوني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت چيو آهي ته وفاق صوبن جي قانوني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري. پي ٽي آئي جو مطلب پاڪستان تحريڪ انصاف نه پر ”تحريڪ انتشار“  آهي ، پي ٽي آئي سدائين سنڌ خلاف سازشون ڪيون آھن. سنڌ حڪومت جي ترجمان بيريسٽر مرتضٰي وهاب فريئر هال ۾  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ به سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن. ماضي جا سليڪٽڊ حڪمران به اڳتي هلي رجيڪٽ ٿيا. وفاق سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري، سنڌ حڪومت امن و امان جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ امن ۽ امان تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ ردو بدل وزيراعليٰ سنڌ جو اختيار آهي، پي ٽي آئي سازشي سياست مان نڪري ڪارڪردگي تي توجه ڏي ته بهتر ٿيندو. بيريسٽر مرتضٰي وهاب سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي تازي صورتحال تي پڻ تفصيلي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، ڪورونا بابت اسان جي فيصلن تي چٿرون ڪيون ويون، تنقيد ڪندڙن تي نظر رکي وڃي. هن چيو ته  گذريل 24 ڪلاڪن جي اندر  60 ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن، مثبت ڪيسن جو انگ 9 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي، اسان سڀني کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو. سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 لک 90 هزار شهرين ويڪسين لڳرائي جيڪو شهرين جو انتهائي مثبت عمل آهي. ٻه چار ڏينهن اڳ روزانو 50 کان 60 هزار ماڻهن ويڪسين لڳرائي رهيا هئا. اهي نمبر اهي نوان انگ ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، اسان هر هنڌ ويڪسينيشن سينٽر کولي ڇڏيا آهن، موبائل وينون پڻ ڪم ڪري رهيون آھن اسان صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙن جا ٿورائتا آهيون هو بهتر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ جي هر ضلع ۾ ويڪسينيشن ٿي رهي آهي. بيريسٽر مرتضٰي وهاب وڌيڪ چيو ته سنڌ کي اين سي او سي کان 89 لک ڪورونا ڊوز ملي چڪا آهن، سنڌ ۾ 74 لک ڪورونا ڊوز لڳايا ويا آهن. ويڪسين ٺاهيندڙ ادارن جا ملڪ سڌي ريت صوبائي حڪومت سان واپاري معاهدا نه ڪندا آهن،  اسان وفاق کي پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون هو اسان لاءِ ويڪسين خريد ڪري ڏي. بيريسٽر مرتضٰي وهاب وڌيڪ چيو ته مهانگائي ۾ رڳو گذريل ھفتن ۾1.4 سيڪڙو واڌ ٿي آهي،  يوٽيلٽي اسٽورن تي پڻ سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي، کير چانور، ماني مهانگي ٿي آهي، عوام روز  مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، قيمتن تي ڪنٽرول ڇو نٿو ٿئي، گيس، پيٽرول ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ڪروڙن جي گاڏي ۾ ويهي ڪنهن ڪيمرامين کان وڊيو ٺهرائيندو رهيو۽ چوندو رهيو ته عوام مطمئن آهي، پر وزيراعظم راجا بازار وڃي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته مهانگائي جي شرح ڇا آهي. بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته اسان مظلوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي مودي سرڪار کي ٻن سالن کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي ھنن ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي. عالمي برادري کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڪشمير جي معاملي تي پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميرين کي پنهنجي مرضيءَ سان رهڻ بابت راءِ جي استعمال جو حق ڏنو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن آزادي وارو حق ڏنو ويو ته ڪشميري ڀائر پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڏيندا. ڀارت ولاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ وارو  قدم تڪراري، هڪ طرفو ۽ غيرقانوني آهي. مودي سرڪار ٻن سالن کان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي جيڪو واعدو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڪيو هو ان واعدي کي اسان جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پورو ڪرڻ جو ڀرپور عزم رکي ٿو ۽ انشاءَ الله ڪشمير ٿيندو پاڪستان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو