137

برطانيا ۾ نواز شريف جو ويزا ختم، مدي ۾ واڌ جي درخواست رد

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي برطانيا ۾ ڇهن مهينن جي رهائش واري ويزا جو مدو ختم ٿي چڪو  آهي، جڏهن ته برطانيا سندس ويزا جي مدي ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ان بابت ذريعن ٻڌايو آهي ته  نواز شريف ويزا جو مدو ختم ٿيڻ تي ان ۾ واڌ ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، پر برطانيا جي اميگريشن واري کاتي نواز شريف جي ويزا جو مدو وڌائڻ کان انڪار ڪري سندس درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نواز شريف اميگريشن ڊپارٽمينٽ کي درخواست رد ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪري سگهندو ۽ نظرثاني جي درخواست به رد ٿيڻ کان پوءِ نواز شريف وٽ برطانيا جي عدالتن سان رابطو ڪرڻ جو  آخري  آپشن به موجود آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو