113

سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ايس آءِ جي قتل ڪيس ۾نامزد جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ايس آءِ اقبال نيازي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل محمد فيصل جي هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل جوابدار پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار محمد فيصل جي وڪيل حيدر فاروق جتوئي عدالت کي ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪيس 2005ع جو آهي ان ڪيس ۾ محمد فيصل جو نالو 2021ع ۾ شامل ڪيو ويو، نامعلوم جوابدارن جي جاءِ تي محمد فيصل جو نالو شامل ڪيو ويو آهي. وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته قتل 2005ع ۾ ٿيو ۽ چالان 9 سالن کان پوءِ 2014ع ۾ پيش ڪيو ويو جنهن تي عدالت شاهدين جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو. جوابدار جي وڪيل چيو ته جوابدار کي 2021ع ۾ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن کانپوءِ کيس اي ايس آءِ اقبال نيازي جي قتل ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته ڪيس جو مرڪزي جوابدار شفيق آزاد ٿي چڪو آهي. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار فيصل جي گهرواري ۽ ٻار پڻ عدالتي ڪمري ۾ پهچي ويا جنهن تي عدالت جوابدار جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ماڻهو ڇو آيا آهن. عدالت وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهن سڀني کي اوهان وٺي آيا آهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو