ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 14 ڄڻن کي قتل ڪندڙ ڪالعدم تنظيم جو ٽارگيٽ ڪلر گرفتار، ڪراچي ۾ عائشا ۾ عائشه منزل ويجهو 14 ڄڻن کي قتل ڪندڙ ڪالعدم تنظيم جي ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪالعدم تنظيم جي مبينا ٽارگيٽ ڪلر وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، سندس هڪ ساٿي پهريان ئي فرار ٿي چڪو آهي، گرفتار جوابدار سيد علي رضا 14 ڄڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي. پوليس اختيارين موجب جوابدار ۽ سندس ساٿين تيموريه ۾ طاهر ملا نالي شخص کي قتل ڪيو، شريف آباد ۾ ميڊيڪل اسٽور تي 2 ڄڻن کي قتل ڪيو، تيموريه جي علائقي ۾ به فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو، جوابدار شريف آباد ۾ فوٽو اسٽيٽ جي دڪان تي فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪيو، سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار خواجه اجمير نگري ۾ مسجد باب الاسلام تي فائرنگ ۾ به ملوث آهي، مسجد تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 نمازي شهيد ٿيا هئا.
