115

ڀڃ ڊاهه ڪيس: پوليس کي 26 آگسٽ کي پيپر پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس کي 26 آگسٽ تي پوليس پيپر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻيا پيش ٿيا جڏهن ته ڊاڪٽر قادر مگسي پيش نه ٿيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر قادر مگسي کي ڪرونا ٿي پيو آهي جنهن سبب هو پيش نه ٿي سگهيو آهي تنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته ڊاڪٽر قادر مگسي کي حاضري کان استثنيٰ ڏني وڃي جنهن تي عدالت ڊاڪٽر قادر مگسي جي استثنيٰ واري درخواست منظور ڪندي پوليس پيپر نه هئڻ سبب ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو