146

جڏهن انتهاپسند مندر تي حملو ڪري رهيا هئا ته انتظاميا نظر نه آئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رحيم يار خان ۾ هندو برادري جي مندر ۾ تخريبڪاري ڪندڙ عناصرن جي عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مذهبي رواداري اسان جي خطي جي روايتن جو حصو آهي۽ عدم برداشت جو مظاهرو اسان جي تهذيب جي ابتڙ آهي. هن چيو ته اقليتن جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي جڏهن انتهاپسند مندر تي حملو ڪري رهيا هئا ته انتظاميه ڪٿي نظر نه آئي. هندو برادري جي ماڻهن کي پنهنجي عبادتگاهه جي توهين سان نه صرف صدمو پهتو پر عدم تحفظ جي احساس ۾ به اضافو ٿيو، جيڪڏهن اسان ملڪ ۾ آباد ڪجهه سيڪڙو اقليتي برادري کي تحفظ جو احساس نه ٿا ڏئي سگهون ته اها اڪثريتي آبادي لاءِ فڪر جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته انتهاپسندن ڀونگ ۾ مندر کي نقصان پهچائي قوم پرچم ۾ اقليتن جي نمائندگي ڪندڙ سڇي حصي جي به توهين ڪئي آهي. انتظاميه افسوسناڪ سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين عبرت جو نشان بڻائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو