ڪراچي/ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي ڪچلاڪ مان 26 جون تي اغوا ٿيل عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ملڪ عبيدالله جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي. ليويز اختيارين موجب مغوي اي اين پي اڳواڻ جو لاش ضلعي پشين جي تعلقي سرانان جي علائقي شبوسر مان هٿ آيو آهي. اي اين پي اڳواڻ جي لاش کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال پشين منتقل ڪيو ويو آهي جتي پشين ڊسٽرڪٽ سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر سليم الله پٺاڻ ٻڌايو ته لاش لڳ ڀڳ 4 ڏينهن پراڻو آهي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي اي اين پي جي ڪارڪنن جو وڏو انگ اسپتال پهچي ويو ۽ حڪومت خلاف احتجاج ڪيو ويو. خانداني ذريعن موجب اغوا ڪندڙ عبيدالله ڪاسي جي آزادي لاءِ ڀنگ طلب ڪيو هو جنهن جي انڪار تي کيس قتل ڪيو ويو آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي اي اين پي اڳواڻ ملڪ عبيدالله ڪاسي جي قتل جي سخت لفظن ۾مذمت ڪئي آهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ملڪ عبيدالله ڪاسي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اي اين پي جي مغوي اڳواڻ عبيدالله ڪاسي جو قتل هڪ دل ڏاريندڙ سانحو آهي، عبيدالله ڪاسي کي انتظاميه بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ۽ دهشتگردن کيس قتل ڪري ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ترقي پسند سياسي ڪارڪن انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جي نشاني تي آهن ۽ رياست خاموش تماشائي بڻيل آهي. پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ عبيدالله ڪاسي جي قتل تي سندس وارثن ۽ اي اين پي ڪارڪنن سان تعزيت جو به اظهار ڪيو
