111

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گھرواري ڪورونا مان صحتياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جو جج قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گھرواري سرينا عيسيٰ ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا، ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم چڪاس کان پوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي گھر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ٻئي پاسي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گھرواري سرينا عيسيٰ به ڪورونا مان صحتياب ٿي وئي آهي ۽ ٽيسٽ ناڪاري اچڻ تي هن قرنطينه ختم ڪري ڇڏي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گھرواري 2 هفتا اڳ ڪورونا جو شڪار ٿيا هئا، ڪجهه ڏينهن اڳ طبيعت خراب ٿيڻ سبب قاضي فائز عيسيٰ کي قائداعظم اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو