ليکڪ: غضنفر سولنگي
لکڻ هڪ قدرتي ڏات آهي جيڪا هر انسان جي وس ۾ ناهي هوندي اهو هڪ اھڙو عمل آهي جيڪو رت ۽ پگهر ڏئي پنن تي پنهنجي اندر جا اڌما ۽ احساس اوتبا آهن، ماڻهو جو هي وکريل وجود زندگي جي ڀڃ ڊاهه ۾ ڪاٿي گم ٿي وڃي جيڪڏهن هو لکي يا پڙهي نه يا وري انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ سان سلهاڙيل نه هجي، اهڙوئي ڪم سالن کان اسان جو محسن دوست مولائي ملاح پڻ ڪري رهيو آهي، جيڪو اڄ جي مصروف دور ۾ به انتهائي تيزي سان لکي ۽ پڙهي رهيو آهي، هر سال هڪ نئون ڪتاب ڏيندڙ هي سائين زندگي جي هر موضوع تي لکي رهيو آهي، چاهي اها سياست هجي، سماجي مسئلا هجن يا وري مذهبي ڪالم ۽ ڪتاب هجن، انهن ۾ پاڻ پتوڙيو اٿس، ”عيد، عشق ۽ سنڌ“ مولائي ملاح جي ڪالمن تي ٻڌل ڪتاب آهي، هي پيار جو پورهيو هن سنڌ جي شعور جي نالي ڪيو آهي، جنهن ۾ يوسف شاهين، ڊاڪٽر محمد ايوب شيخ، انعام شيخ، امداد سومرو (جپسي) اشفاق آذر ۽ فيرور احمد ميمڻ شامل آهن، عيد جي تحفي جھڙي هن خاص ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ اعجاز منگي لکيو آهي ۽ ٻه اکر الطاف اثيم ۽ رايو ساجد چانڊيو لکيو آهي، ڪالمن ۽ عالمي ڏهاڙن تي ٻڌل مضمونن واري هن ڪتاب ”عيد، عشق ۽ سنڌ“ ۾ ڪل 28 ڪالم آهن، جن جا موضوع گهڻي ڀاڳي عيد جي چنڊ، خوشي، ڏک، اميد، عوام ۽ جمهوريت تي آهن، ڪالمن جو ٻيو موضوع آهي عشق جنهن ۾ عشق ۾ هتي عوام جا سور بيان ڪيل آهن ته وري ڪٿي پڙهندڙ کي عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جهول ڀري وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو، ٽيون لفظ سنڌ آهي جيڪو پڻ هڪ وسيع معنيٰ رکي ٿو، جنهن تي به مولائي ملاح بهترين انداز ۾ لکي پاڻ ملهايو آهي، سنڌ جي سرسبز کيتن، ساون وڻن، پکين جي مٺڙين ٻولين ۽ ماءُ جي لولين تي خوب لکيو اٿس؛
ٿي مري انسانيت وحشت وڌو آ ٿرٿلو
خون جي برسات سان آهي زمين تي زلزلو
ظلم جو ظالم شروع ڪيو بزدلاڻو سلسلو
هت وري ڏس مرد غازين جو وفا ۽ ولولو
جي ڪُسي قربان ٿيا تن جانثارن تي سلام
تحقيقي ڪالم لکڻ لاءِ اڳو ڪتب خاني ۾ ويهي ڪتابن جا ورق اٿلائڻا ناهن هوندا پر ان لاءِ جھر جھنگ به جھاڳڻا پون ٿا ۽ در در وڃي معلومات وٺڻي پئي ٿي، مولائي جو هي ڪتاب به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي، ڪتاب جي ٽائٽل موضوع ڪالم عيد، عشق ۽ سنڌ ۾ ڪبير جي شعر؛
آم ڪي ڊالي ڪوئل راضي، راجا راضي ڌن ۾
گنگا جل مين مڇلي راضي، ساڌو راضي بن مين.
۽ استاد بخاري جي هن شعر تي ڪالم ختم ڪيو ويو آهي ته؛
مان به عيدن تي خريديان هان کڻي،
پر خوشي بازار جو سودو نه هئي.
مولائي ملاح جو هي ڪتاب 112 پيجن تي ٻڌل آهي ڪتاب جي آخري پنن تي لکيڪ جو تعارف ڏنل آهي، پڪي جلد فور ڪلر تي ڪپتان ابڙو جي ٽائٽل ۽ محسن ملاح جي لي آئوٽ سان هي سھڻو ڪم سمبارا جي پياري ساجد سنڌي عوام تائين پهچايو آهي ڪتاب جي قيمت صرف 250 رپيا رکي وئي آهي هن ڪارائتي ڪم ڪرڻ تي مولائي ملاح کي واڌايون ۽ مبارڪون هجن.