176

سماج ۾ ظلم ۽ زيادتيءَ جو نشان بڻيل عورت…!!

ليکڪ: بلال مصطفيٰ ٻگهيو

پدرشاهي سماج ۾ حوا ڄائي روز ڪنهن نه ڪنهن ظلم جو نشانو بڻجندي رهي ٿي. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اُتي عورت تي ٿيندڙ تشدد، ڪوڙا الزام هڻي غيرت جو نشانو بڻائي کيس ڪاري ڪري قتل ڪرڻ، مڙس جو حڪم نه مڃڻ تان جسماني توڙي ذھني اذيتون ڏيڻ، چارديواري ۾ تشدد ۽ طلاق ڏيڻ کان ويندي قيد ۽ بند جون سختيون ڏيڻ تائين مٿس هر ظلم ڪيو وڃي ٿو، هن مرداڻي سماج ۾ عورت جي حيثيت هڪ غلام جهڙي رهي آهي، ڏٺو وڃي ته وڏي عرصي کان وٺي عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيترائي ايڊيٽوريل، مقالا، مضمون ۽ ڪالم سنڌي، اردو توڙي انگريزي اخبارن جي زينت بڻجندا رهيا آهن پر تنهن هوندي به عورت سان پيش ايندڙ واقعن ۾ گهٽتائي ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي، عورت جيڪا دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي جو حصو آهي، تنهن جي غلامي جو سڀ کان اهم ڪارڻ تعليم جي کوٽ ڏسجي ٿو، هڪ چوڻي مشهور آهي ته ”مرد پڙھيو ته هڪڙو فرد پڙھيو، پر جيڪڏهن عورت پڙھي ته پورو گهر پڙھيو“ دنيا جي اسرندڙ ملڪن ڏانهن نظر گهمائڻ شرط پتو پوي ٿو ته اُتان جي عورت نه رڳو خودمختيار ٿي پنهنجي زندگي گذاري ٿي پر اظھار جي آزادي جو به کيس پورو حق ميسر آهي پر افسوس جو اسان جي هن ٻوساٽيل سماج ۾ ڪجهھ عنصر عورت جي تعليم جا سخت مخالف رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته کين اهو ڊپ رهي ٿو ته عورت کي تعليم ڏيارڻ سان هوءَ سندن خلاف ڳالهائڻ ۽ ساڻن ھر حوالي سان مقابلو ڪرڻ جي اهل ٿي ويندي، تنهنڪري اهڙا عنصر عورت کي تعليم کان پري رکن ٿا، جڏهن ته ڳوٺ جي عورت جيڪا سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ کان وٺي ٻارڙن جي پرورش ڪرڻ، چوپائي مال جي سارسنڀال لهڻ، مردن سان گڏجي زمينن تي لابارو ڪرڻ، ٻنين جو گند ڪچرو صاف ڪرڻ تائين سڄو ڏينهن ڪم ڪندي ملي ٿي ۽ گهر جي رڌپچاءَ سميت سمورو ڪم کيس ڪرڻو پوي ٿو، ان باوجود به اهو چئي کيس احساس محرومي جو شڪار ڪيو وڃي ٿو ته توکي مرد ئي کارائي پياري ۽ پهرائي ٿو جيڪو سراسر غلط چئجي. ايڇ آر سي پي چيپٽر حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ موجب لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ٿيون آهن ۽ گهريلو تشدد سميت جنسي زيادتين ۽ ٻين واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، 2020ع دوران پاڪستان ۾ 430 کان وڌيڪ فرد غيرت جي نالي تي قتل ٿيا جن ۾ 365 عورتون هيون، ساڳئي سال ۾ 2930 معصوم ٻارڙن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو ۽ وري جهالت ان منجهان پئي ظاهر ٿي ته اڪثر ٻارن کي جنسي حوس مٽائڻ بعد قتل ڪيو ويو، جيڪڏهن اسين سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد جي ڳالهھ ڪيون ته اتي گذريل ڇهن مهينن اندر 1100 کان وڌيڪ عورتن تي تشدد جا واقعا پيش آيا، جن ۾ زيادتي کان ويندي گهرلو تشدد پڻ شامل آهي، ان ڳالهھ کان ڪو به انڪار ناهي ته هر دفعي مجرم مرد ئي رهيو آهي، ڪڏهن ته وري ائين به ٿيندي نظر آيو آهي ۽ اهڙيون خبرون اخبارون جي زينت بڻجنديون رهيون آهن ته جڏهن طلاقيل عورت ٻي شادي ڪندي آهي جيڪو سندس شرعي ۽ جمهوري حق به آهي ته سندس اڳوڻو مڙس کيس قتل ڪرڻ جون مسلسل ڌمڪيون ڏيندو رهندو آهي ۽ ڪٿي ته عورت ويچاري موت جي گهري ننڊ به سمهاري ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڏوھه صرف پنهنجي مرضي سان زندگي جو فيصلو ڪرڻ هوندو آهي. هن جاگيرداراڻي سماج ۾ جيئن ته عورت مرد جي اختيار هيٺ رهي آهي، مٿي ذڪر ڪري آياسين ته هن معاشري ۾ مڙس زال جو مزاجي خدا جو درجو رکندڙ آهي، جنهن ڪري ان مڙس جي هر ڳالهھ جو احترام ڪرڻ، مڙس خلاف ڪا به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍڻ ۽ نه ئي وري ان تي ٿيندڙ ظلم تي احتجاج ڪرڻ جو حق حاصل آهي، اهڙي ئي هڪ خاموشي واري سبق جو کاڄ حيدرآباد جي هڪ عورت ٿي، 10 سال خاموش رهندي ڪيترائي ڀيرا تشدد جو نشانو بڻجندڙ چئن ٻارن جي ماءُ قرت العين عرف عيني جنهن کي سندس ئي ظالم مڙس سڄي رات تشدد ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، راولپنڊي ۾ فقير عورت ۽ سندس ٻارڙي کي قتل ڪيو ويو، نور مُقدم جو ڪيس توهان جي سامهون آهي، لاهور ۾ هڪ عورت سندس ئي ٻارڙن اڳيان جنسي زيادتي جو نشانو بڻي، گهوٽڪي ضلعي ۾ مڙس پاران نوجوان زال کي قتل ڪيو ويو، شھنيلا شاهه کي ماريو ويو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو سموري سنڌ توڙي ملڪ ۾ اهڙا واقعا گذريل وڏي عرصي کان روز جو معمول بڻجندا رهيا آهن، جيتوڻيڪ عورتن جي حقن بابت ڪيترائي قانون پاس ٿيل آهن پر ان تي عمل نٿو ٿئي، تنهنڪري رياست کي گهرجي ته تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ته جيئن عورت به هڪ مرد وانگر پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگهي، عورت کي به برابري جو پورو حق حاصل آهي، کيس انسان سمجهيو وڃي ۽ ان تي تشدد ڪري قتل ڪندڙ جوابدارن کي تڪڙيون سزائون ڏئي، عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ته جيئن ٻيا اهڙن عملن کان پاسو ڪن. اهو نه آهي ته رڳو عورتن تي تشدد جو مسئلو پاڪستان يا سنڌ جو مسئلو آهي، هيءَ عالمي مسئلو آهي، آمريڪا جنسي زيادتين ۽ استحصال جي واقعن ۾ سڄي دنيا ۾ پهرئين نمبر تي آهي، ساڳئي طرح سان ٻين يورپي ملڪن ۾ به عورتن جي حالت ڪا اهڙي بهتر نه آهي، جنهن کي اسان آئيڊيل حالت چئي سگهون پر اتي معاشي اڻبرابري وارو نظام نه آهي، عورتون گهرن کان ٻاهر نڪري پاڻ ڪم ڪن ٿيون، پاڻ ڪمائين ٿيون ۽ اهي معاشي تنگدستي جو شڪار اسان جي عورتن کان گهٽ آهن، ان ڪري اسان کي اهو نظر اچي ٿو ته ڪو انهن ملڪن ۾ گل و گلزار لڳل آهي، ٻي ڳالهه اها آهي ته اهڙن ملڪن ۾ وري به قانون ڪجهه سڌريل حالت ۾ آهي ۽ ان تي عمل به ٿئي ٿو، ان ڪري سزا ۽ جزا جو تصور پڻ آهي، عورت ۽ مرد هڪ ئي گاڏي جا 2 ڦيٿا آهن، مضمون جو مقصد انهن جو مقابلو ڪرڻ نه پر اها ڀيٽ ڪرڻ آهي ته اسان وٽ مرد جي مقابلي ۾ عورت کي گهٽ ڌيان ملي ٿو، جنهن به عورت کي پنهنجي گهر اندر مڪمل تحفظ ۽ عزت ملندي اها ٻاهر جي دنيا ڏي نه نهاريندي، جيڪڏهن ان کي گهر ۾ سموريون سهولتون ۽ عزت ۽ حفاظت ڏني وڃي ته هوند گهڻا مسئلا حل ٿي پون، عورت ۽ مرد هڪٻئي لازم ۽ ملزوم آهن ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته انهن ٻنهي کي تضاد يا مخالفت ۾ آڻڻ بدران هڪٻئي جا مسئلا سمجهڻ ۽ سلجهائڻ گهرجن، اهڙي طريقي سان اسان هڪ باوقار، پرامن ۽ برابري تي ٻڌل سماج جوڙي سگهون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو