ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو
آمريڪي ۽ ناٽو فورسز جو افغانستان ڇڏڻ جو سلسلو جاري آهي جيڪو 31 آگسٽ تي ختم ٿيندو پر آمريڪين جي نڪرڻ سان ئي ملڪ جي اندر طاقت جي توازن وارو خال پيدا ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن افغان حڪومت ۽ فوج تي آمريڪا کربين ڊالر خرچ ڪيا اھي اڄ به آمريڪي فوج تي ڀاڙيون بيٺا آهن ۽ طالبان ويڙھاڪن جي حملن تي پير به ڄمائي نه ٿا سگهن، جنهن جو تازو مثال افغان فوجين جو تاجڪستان ۽ پاڪستان جون سرحدون پار ڪري پناهه وٺڻ آھي، افغان فوجين جي اهڙي طرح ڀڄڻ عالمي طاقتن خاص طور تي چين ۽ روس کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور تي طالبان جي شدت وارن حملن جي نتيجي ۾ وچ ايشيا ۾ وڏي تعداد ۾ افغان فوجين ۽ عام شھرين جو پناھگير ٿي اچڻ وارو بحران پيدا ٿيندو، جنهن ۾ به هر قسم جا ماڻهو ھوندا، سواءِ طالبان جي، اھڙي پس منظر ۾ چين طالبان جي وفد کي پنهنجي ملڪ اچڻ جي دعوت ڏني ته جيئن وچ ايشيا ۽ افغانستان ۾ چين جي سيڙپڪاريءَ کي نقصان نه رسي ۽ ساڳي طرح سان افغان جنگ جي نتيجي ۾ ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ طالبان سان گڏ جنگ ۾ شريڪ نه ٿي وڃي، جيئن اسامه بن لادن ۽ القاعده شامل ٿيا ھئا، چين جي پرڏيهي وزير يانگ ييءَ سان ڳالهين جي دوران طالبان وفد جي اڳواڻ ملا عبدالغني برادر خاطري ڪرائي ته ھو ڪنهن به صورت ۾ ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ کي افغان ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جنهن تازو ئي واشنگٽن ۾ جلاوطن حڪومت ٺاهي سنڪيانگ کي چين کان آزاد ڪرائڻ لاءِ وڏن حملن ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته چين سنڪيانگ جي مسلم آباديءَ تي وڏو ظلم ڪري رهيو آهي، خاص طور تي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وڏي انگ کي زبردستي ڪيمپن ۾ ڪميونزم پڙھائي رهيا آهن پر چين کي اھو به کٽڪو آهي ته وچ ايشيا ھڪ دفعو وري نه دھشتگرديءَ جي ور چڙهي وڃي ۽ بيلٽ ۽ روڊ ۾ رڪاوٽون نه پيدا ٿي پون، آمريڪي فوجون افغانستان مان تيزيءَ سان نڪري رهيون آهن پر آمريڪا خطي ۾ موجود آهي، جنهن جو اندازو ھن مان لڳائي سگهجي ٿو ته جولاءِ جي آخري ھفتي ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي فوج جون جنگي مشقون جارجيا ۾ ٿيون جنهن جو اھم مقصد برسات ۾ زخمي فوجين جي مرھم پٽي ڪرڻ ھو پر بائيڊن انتظاميا روس ۽ چين کي اھو ڏيکارڻ ٿي چاهي ته آمريڪا اڃا به گريٽ گيم جو حصو رھندو پر روس ڪاري سمنڊ ۾ ڪرايل جنگي مشقن جي سامهون ھوائي بمباري ڪري يورپي يونين کي خوف ڏياريو ۽ ھاڻي به صدر پيوٽن ڪنهن به طرح سان سوويت يونين وارين رياستن ۾ مداخلت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جو مثال بيلاروس ۽ ڪرائيميا آهن، آمريڪي فوجين جي نڪرڻ ۽ بگرام سوڌو ٻيا به ھوائي اڏا ڇڏڻ سان اشرف غني حڪومت لڏي وئي آهي، جنهن کي بچائڻ ته نه پر افغانستان ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ بلنڪن فارمولو ميدان تي آيو، جنهن ۾ طالبان سوڌو سڀني ڌرين کي اقتدار ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه ٿيل ھئي پر اشرف غني ۽ سندس طاقتور ساٿين بلنڪن فارمولي کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد طالبان پنهنجي طاقت جي زور تي پھريان افغانستان جي ڏورانھن صوبن جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ته آمريڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تجزيو ڪيو ته طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اڻ اعلانيل ٺاھه ٿيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي فوجي قافلن تي ڪنهن به قسم جو حملو نه ٿيڻ ڄڻ ته آمريڪا کي اسپيس ڏيڻ جي برابر آهي. گذريل آچر تي طالبان ھلمند، قنڌار ۽ ھرات جي گاديءَ وارن ھنڌن تي گڏيل انداز ۾ حملا ڪري عالمي طاقتن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ اشرف غني حڪومت طالبان تي جوابي حملا ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن ۾ زميني ۽ ھوائي حملا ڪرڻ جو چيو ويو ۽ ساڳي وقت تي لشڪرگاھه جنهن جي سرڪاري عمارتن، جيل ۽ شھر جي اھم جاين تي طالبان اھڙي انداز ۾ قبضو ڪيو آهي جو افغان فوجين جو پاڻ ۾ رابطو قائم نه ٿو ٿي سگهي پر اشرف غني حڪومت عام شھرين کي محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو چيو آهي جو ھو طالبان ويڙھاڪن جي سپلاءِ لائين ڪٽڻ جي لاءِ بمباري ڪندا، حڪومت جي اھڙي اعلان عام شھرين ۾ حد درجي جو خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ پناھگير ٿي رھڻ تي مجبور ٿي پيا آهن پر شھرين کي رشيد دوستم وارو قتل عام به ياد آهي جيڪو ھن نائن اليون کان پوءِ لشڪرگاھه ۾ ڪيو ھو، جنهن جي پس منظر ۾ عام شھري دانھون ڪري رهيا آهن ته ھن خونريز جنگ ۾ رشيد دوستم، اسماعيل خان ۽ ٻيا حڪومت جا حامي ويڙھاڪ سردار ڪٿي آهن، اڃا ٽنھي صوبن ۾ شدت سان جنگ جاري آهي پر طالبان اڳواڻن حڪومت کي مزو چکائڻ جي لاءِ دفاع واري وزير بسم الله محمديءَ جي گهر تي خوفناڪ حملو ڪيو، جڏهن ھو ھڪ اھم گڏجاڻيءَ ۾ مصروف ھو پر ھن حملي 8 ڄڻا ٻيا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، حملي کان اڳ ڪابل ۾ طاقتور ڌماڪن ٿيڻ کان پوءِ افغان فوج ۽ طالبان وچ ۾ سخت فائرنگ شروع ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ چار حملو ڪندڙ طالبان پڻ مارجي ويا، جڏهن ته طالبان ترجمان زبيح الله مجاھد ڪابل جي ماڻهن تي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن انهن حڪومت جي حملن جي حمايت ڪئي ته کين سخت سزا ڏني ويندي، طالبان طرفان گڏيل انداز ۾ حملي ڪرڻ تي اشرف غني بائيڊن انتظاميا تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته آمريڪا افغانين کي وچ جنگ ۾ ڇڏي ھلي ويو آهي پر آمريڪي عوام ۽ ميڊيا به ساڳي قسم جي تنقيد ڪري رهيا آهن، اھڙي ڇتي تنقيد کان پوءِ آمريڪا اھم عسڪري صوبن تان ڪنٽرول ختم ڪرائڻ لاءِ طالبان مٿان ھوائي حملا ڪري رهيو آهي ته جيئن ويڙھاڪن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي پر جيڪڏهن طالبان ھلمند ۽ قنڌار تي قبضو ڪري ويا ته پوءِ ڏوڏيءَ جي فصل مان ملندڙ سڄي رقم طالبان جي حوالي ٿي ويندي جيڪا اڳ ۾ آبادگارن کي تحفظ ڏيڻ جي صورت ۾ 10 ارب ڊالر ٿيندي هئي پر مڪمل ڪنٽرول کان پوءِ ھڪ وڏي رقم سندن ھٿ لڳي ويندي جنهن سان ھو ھڪ وڏي خوني راند کيڏندا جيڪا افغانستان جا بنياد لوڏي ڇڏيندي ۽ نه صرف آمريڪا پر روس، چين ۽ پاڪستان به نٿا چاهين ته طالبان ھڪ دفعو وري وڏي خونريز جنگ مڙھين، افغانستان ۾ طالبان طرفان بدلي وٺڻ جي پس منظر ۾ رٿيل خونريزيءَ کي روڪڻ ۽ افغان حڪومت کي حملن کان روڪڻ لاءِ 11 آگسٽ تي ٽرائڪا پلس پاڪستان جو اجلاس دوھا ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ افغانستان تي طالبان جي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ يا ھلندڙ جنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ عام شھرين جي مارجي وڃڻ يا پناھگير ٿي وڃڻ واري صورتحال تي غور ڪيو ويندو ۽ ساڳئي وقت ڪوشش ڪئي ويندي ته اقتدار پرامن نموني سان منتقل ٿئي، چين ۽ روس آمريڪا تي سخت تنقيد ڪري رهيا آهن ته آمريڪا جو افغانستان کي تڪڙو ڇڏڻ نه صرف افغانستان پر سڄي خطي کي جنگ حوالي ڪرڻ برابر آهي پر پوءِ به ھڪ ٻئي جا سخت مخالف ھوندي به افغان مسئلي کي حل ڪرڻ اھم سمجهي ھڪ ٽيبل تي ويھندا پر آمريڪا جي ڪوشش ھوندي ته ڪنهن به طرح چين گريٽ گيم جو حصو نه بڻجي.