119

جهانگير ترين گروپ ۾ پيل روڻ….!!

ليکڪ: حاڪم نصيراڻي

ڪجهھ مهينن کان ملڪ ۾ سياسي طور وڏي هلچل پيدا ڪندڙ جهانگير ترين ۽ سندس گروپ خبرن ۽ تبصرن جو مرڪز رهيو، ايتري تائين جو وفاقي توڙي پنجاب سرڪار آخري هڏڪيون وٺندي محسوس پئي ٿي، چئن چڱن وچ ۾ پئي بچ بچاءَ ڪرائي مڙئي خان جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪناري تي پهچايو، سياسي موسم  مٽجڻ کان پوءِ عمران خان جي مخالفت واري برف رجڻ لڳي ۽ سندن سڀ مخالف آھستي آھستي ان برف جي پاڻي ۾ هيل تائين لڙھندي نظر اچن ٿا، شھزاد اڪبر جي احتساب کان بچائڻ لاءِ جهانگير ترين ٻاهران هڪ مضبوط حفاظتي بند ٻڌو ويو پر هاڻ ته ان مضبوط بند کي به روڻيون پوڻ شروع ٿي ويون آھن، جهانگير ترين اهو ماڻھو هو جنهن عمران خان جي شخصيت کي به پنهنجي پئسي جي وزن هيٺيان دٻائي رکيو هو، عمران خان جا سياسي مخالف کيس هميشه جهانگير ترين جي پئسي ۽ جهاز جو طعنو ڏيندا رهيا آھن، ايتري تائين جو جهانگير ترين کي عمران خان جي اي ٽي ايم مشين جو خطاب پڻ ڏئي چڪا آھن، هر پارٽي جيان تحريڪ انصاف ۾ به شروع کان وٺي گروپ بندي رهي آھي، هر گروپ پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، سندن مخالفن جي وري اها ڪوشش هوندي آھي ته پاڻ وڻائڻ وارن  کي ڪيئن ڪيرائجي ان ڪري اهي ان ڳولا ۾ ھوندا آھن ته ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن جي ڪا چُڪ نڪري ته ان خلاف قيادت اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائجن، تحريڪ انصاف ۾ جهانگير ترين، مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، عليم خان، شيرين مزاري ۽ ٻيا به مختلف نالا آھن جيڪي پارٽي اندر سرگرم ۽ پنهنجي هم خيال ٽولن جي سرواڻي ڪرڻ سبب خبرن جو مرڪز رهيا آھن، هر طاقتور ائين سمجهي ٿو ته پارٽي کي اوج ڏيارڻ ۾ سندس اهم ڪردار آھي، بهرحال ڪنهن به پارٽي ۾ گروپ بندي ان پارٽي جو پنهنجو اندروني معاملو آھي، پارٽي سربراهه کي به اهو مڪمل اختيار آھي ته اهو پنهنجي پارٽي جي ڪهڙن ماڻھن طرف جهڪاءُ ڏيکاري ٿو پر عمران خان لاءِ اهو به مشھور آھي ته هو علم اعداد ۽ علم نجوم جي روشني ۾ يارين، دوستين، ويجهڙائپ ۽ وڇوٽين وارا رويا رکندو آھي، جڏهن جهانگير ترين جو گروپ وجود ۾ آيو ته ان وقت سڀ کان وڌيڪ سرگرم ميمبر طور نظير احمد چوهاڻ اڳڀرو هوندو هو، نظير چوهاڻ جهانگير ترين جي طلسماتي شخصيت کان ايڏو ته متاثر ٿي ويو جو جنم جنم گڏ رهڻ جا وچن ڪري شھزاد اڪبر جهڙي اڻ چونڊيل طاقتور ۽ نور نظر ماڻھو سان اٽڪائي ويٺو، چوندا آھن وقت تي ڪيل فيصلا وڏا اثرائتا هوندا آھن، ان ڪري نظير چوهاڻ جي گرفتاري جو وقت به تمام اهم هو، ڇو ته هاڻي عمران خان جي سرڪار کي ڪٿان به ڪو خطرو نه هو، چوندا آھن وير پراڻا ناهن ٿيندا دشمن کي ڪمزور ڪجي ته ان کي هڪ هڪ ڪري رڳڙو ڏجي، سو شھزاد اڪبر وسيلي جهانگير ترين گروپ جي سرگرم ميمبر نظير چوهاڻ کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جيل ويندي ئي چوهاڻ صاحب کي دل جو دورو پيو ۽ مٿس 3 نوان ڪيس به داخل ڪيا ويا، ان دوران نظير چوهاڻ جو هڪ ويڊيو بيان به منظر عام تي اچي ويو، جنهن ۾ موصوف شھزاد اڪبرکان معافي وٺي رهيو آھي، (ڪڏهن به ڪنهن جي عقيدي بابت سند نه گهرڻ گهرجي) نظير چوهاڻ جي ان معافي واري عمل کان پوءِ ڪورٽ سڳوري به کيس ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو، آزادي کان پوءِ پنهنجي مائٽ فياض الحسن چوهاڻ سان هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هن جهانگير ترين کي بي وفا، مفادپرست ۽ مغرور سڏيندي سندس گروپ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي هڪ دفعو ٻيهر عمران خان جي قيادت تي يقين ڪري کيس پنهنجو اصلي قائد تسليم ڪيو ۽ جهانگير ترين تي اهو به الزام هنيو ته گرفتار ٿيڻ کان پوءِ هن سندس خيريت به معلوم نه ڪئي ۽ کيس بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، جڏهن ته ترين گروپ سندس الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي، چوڻ وارن جو وات ڪنهن به بند نه ڪيو آھي ۽ چوڻ وارا چئي به ڏيندا آھن سو چوڻ وارن جو چوڻ آھي ته ان سڄي ڪهاڻي ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ۾ فياض الحسن چوهاڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن ايندڙ وقت جا سهانا خواب ۽ هلندڙ وقت جون نعمتون نظير چوهاڻ کي ڳڻي ڳڻي ٻڌايون، نافرماني جي صورت ۾ اذيتن جو به خوب ذڪر ڪيو، نيٺ مٽي مائٽي ڪم اچي وئي ۽ نظير چوهاڻ به ڳالهھ سمجهي ويو، سندس ڳالهھ سمجهڻ جو اندازو ان جي پريس ڪانفرنس مان لڳائي سگهجي ٿو، هاڻي اهو وقت ثابت ڪندو ته نظير چوهاڻ جو جهانگير ترين جي ساٿ ڏيڻ وارو فيصلو غلط هو يا عمران خان جو ساٿ ڇڏڻ غلط هو، هڪڙي ڳالھه ته بلڪل صاف ظاهر آھي ته تحريڪ انصاف چونڊن دوران عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا انهن مان ڪو به وفا نه ٿي سگهيو آھي، اڃا به حيران ڪندڙ ڳالهھ اها آھي ته عمران خان شايد دنيا جو اهو واحد حڪمران آھي جيڪو مهانگائي ڪري وڏي واڪي چوندو آھي ته مهانگائي ڪندڙن کي نه ڇڏيندس، کنڊ، اٽو، گئس ۽ ٻيون شيون ملڪ مان اڻلڀ ٿي ويون آهن پر هر دلعزيز وزيراعظم اهو چوندو رهي ٿو ته ذخيرو ڪندڙ مافيا کي نه ڇڏيندس، پيٽرول ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي پر خان جي جنگ ڪرپشن سان جاري آھي، هاڻي آخر خان صاحب کان ڪير پڇي ته سائين جن کي اوهان نه ڇڏڻ جون ڳالهيون ڪيو ٿا، انهن کي ته پنهنجي ڪابينا ۾ وزير بڻايو ويٺا آھيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو