ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو
ھونئن ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ سندس 50 سالن جي تاريخ ۾ مشڪلاتون ئي مشڪلاتون رھيون آھن، پر ٽي دؤر ھن لاءِ نھايت اوکا رھيا آھن، پھريون ضياءُالحق جو يارنھن سالن وارو ڪارو دؤر جنھن ۾ھن پارٽي وڏو جبر ۽ سياسي ڀڃ ڊاهه برداشت ڪئي، قيد، ڪوڙا، سياسي وفاداريون بدلائڻ، ججن جي دٻاءُ سان گڏ ڦاسيءَ جا ڦندا به قبول ڪيا، پر هن پارٽيءَ ھر حال ۾ پنھنجو سياسي وجود وڏي بھادريءَ سان برقرار رکيو،ٿوري وقفي کان پوءِ 90ع جي ڏھاڪي ۾ اسحاق خان جي پٺي ٺپڻ بعد اقتدار ۾ آيل ڄام صادق علي وارو دؤر جنھن ۾ ڄام جي بي رحماڻي انتقام۽ سياسي ڀڃ ڊاهه جي گھاڻي مان به هن پارٽي کي گذرڻو پيو، ھڪ سيٽ واري ڄام پيپلز پارٽيءَ جي ھر سياسي چرندڙ پرندڙ پرزي لاءِ رڻ ٻاري ڏنو، خاص طور تي پارٽيءَ جا چونڊيل نمائنده ڄام جي انتقامي نشاني تي ھئا، جن کي چيو ويندو ھو ته يا پارٽي ڇڏيو يا سياست کي الوداع چئو، ٻيو ته”ٿاڻو يا ناڻو“جو دڙڪو پارٽي اڳواڻن لاءِ عام ھو، انھن حالتن مان به پارٽي پنھنجو وجود بچائي آئي، ان کان پوءِ سن ٢٠٠١ع واري ڏھاڪي ۾پرويز مشرف جي آشيرواد سان ٿَري ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ جو حاڪم اعليٰ ٿيو، تنھن به پارٽيءَ سان پنھنجي پاڙريسري ٿريچي ڄام صادق عليءَ وارو سلوڪ اڳي کان به اتم رکيو، ھن جي وس ۾ جيڪو سياسي ۽ حڪومتي اختيار ھو اھو ھن پيپلز پارٽيءَ خلاف استعمال ڪيو، ڄام واري ھر سختي ۽ اٽڪل آزمايائين، پر مرڪز جي ڀرپور پٺڀرائيءَ باوجود پارٽيءَ کي ٽوڙي وڏو نقصان ڏئي نه سگھيو، بهرحال ارباب رحيم جو 3 سالن وارو دؤر به پارٽيءَ لاءِ وڏي آزمائش جو دؤر ھو، پي ٽي آءِ جي مرڪزي حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي پيپلز پارٽيءَ کي سياسي طور سوڙھو ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوشش پئي ڪئي آھي جيڪا اڃا تائين جاري آھي، ڪڏھن پنھنجي سياسي مخالف ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪري، ڪڏھن اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ کي اڳيان آڻي، ڪڏھن سنڌ نيشنل فرنٽ کي پي ٽي آءِ ۾ضم ڪري نواب ممتاز علي خان ڀٽو کي پيپلز پارٽيءَ جو متبادل بڻائڻ جي جستجو ڪري، ڪڏھن وري شير زمان ۽ حليم عادل شيخ جھڙن نعريبازن کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڳيان آڻي ميڊيا ذريعي شور مچائڻ جون اٽڪلون به ڪيون ويون، تبديلي گاني جي گلوڪار عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو پر پارٽي پاڻ سنڀاليندي آئي آھي، ڪڏھن فنڊن ۾ڪٽوتي ڪري ارسا ذريعي پاڻي گھٽ ڪيو ويو، ڪڏهن سنڌ ۾ گئس ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ وڌيڪ ڪئي وئي، ڪڏهن وري ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي بنهھ نظر انداز ڪرڻ جھڙا ھٿيار به سنڌ حڪومت خلاف ڪتب آندا ويا، انھن سڀني اٽڪلن ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ سنڌ حڪومت کي قابو ۾رکڻ لاءِ عمران خان کي سندس نا تجربيڪار سياسي صلاحڪارن کيس سنڌ مان ارباب غلام رحيم جھڙو آزمايل سياسي سلطان راھي ڳولي ڏنو آهي، جنھن جي جھوليءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف انتقام جو پراڻو وکر پيل آھي، اھڙي پڪ ڏيارڻ بعد ئي خان ارباب جي مٿي تي ھٿ رکيو آھي، خان صاحب جي سياسي ٻالڪن کان شايد اھو وسري ويو آھي ته ماضيءَ ۾ارباب غلام رحيم عمران خان لاءِ عام جلسن ۽ نجي ڪچھرين ۾ ڇا ڇا چوندو رھيو آھي، ٻيو ته گذريل دؤر۾ارباب تي وزارت اعليٰ ۽ پرويز مشرف جي ڇٽي ھئي جيڪا ھاڻي ناھي، ھاڻي ھو صرف سنڌ لاءِ خان جو رڳو خاص معاون آھي، ان عھدي جو ويجھي ماضيءَ ۾مثال نٿو ملي، لڳي ٿو ته خان پيپلز پارٽيءَ کي مصروف رکڻ لاءِ ارباب رحيم جي چونڊ ڪئي آھي، سنڌ وارن کي ارباب جو ٽن سالن وارو ڪارو دؤر اڃا نه وسريو آھي، پيپلز پارٽي جيسين پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو نٿي ھڻي تيسين عمران خان ۽ ارباب غلام رحيم گڏجي به کيس سياسي ميدان مان ٻاھر نٿا ڪري سگھن.