124

هفتي اندر يوٽيلٽي اسٽورن جي شين جا اگهه ٻيو ڀيرو مهانگا…؟؟

ايڊيٽوريل

حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊن جي شين تي غريبن لاءِ ملندڙ سبسڊي ختم ڪري انهن جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، خبرن مطابق يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊن جو ڪوڪنگ آئل 46 رپيا في لٽر تائين مهانگو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گيهه جي قيمت ۾ به 34 في ڪلو تائين واڌ ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي ٻارن جو سڪل کير 10 کان 40 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي ۽ شيمپو جي بوتل جي قيمت به 4 کان 20 رپيا وڌائي ڇڏي آهي، اهڙي ريت ڪپڙن ڌوئڻ وارو سرف به 6 کان 45 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي ۽ وهنجڻ واري صابڻ جي اگهه ۾ به 3 کان 7 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. هڪ نجي چينل جي خبرن مطابق مختلف برانڊن جي انهن شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وڌايل قيمتون فوري طور تي لاڳو ٿي وينديون. خيال رهي ته گذريل هفتي به سبسڊي تحت ملندڙ 3 شيون مهانگيون ڪيون ويون هيون، جن ۾ گيهه، کنڊ ۽ اٽو شامل هئا. موجوده حالت اهڙي آهي جنهن جون بجيٽ وقت مخالف ڌر سميت ملڪ جي هر ساڃاهه وند نشاندهي ڪئي هئي ۽ انگن اکرن سان اهو ظاهر ڪيو هو ته حڪومت پاران معيشت جي درستگيءَ جا دعويٰ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر آهي ۽ بجيٽ کانپوءِ مهانگائيءَ جو هڪ طوفان ايندو جنهن تي حڪومتي وزيرن ان کي لفاظيءَ ۾ رد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي پر هاڻ اهي حقيقتون جيئن جو تيئن ظاهر ٿي رهيون آهن، بجيٽ پيش ڪرڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ مسلسل حڪومت عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، رڳو هڪ مهيني اندر پيٽروليم مصنوعات جي قيمت ۾ 11 رپيا ۽ ڪجهه پئسا واڌ ٿي چڪي آهي ۽ هفتي اندر بنيادي ضرورتن وارين شين جيڪي يوٽيلٽي اسٽورن تي غريب عوام لاءِ ڪجهه ستيون هيون، انهن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ واڌ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته موجوده حڪومت کي عوام جو ڪيترو اونو آهي. حڪومت هر هفتي عوام جي کيسي تي ڌاڙو هڻڻ معمول بڻائي ڇڏيو آهي، تازي خبر مطابق ڪوڪنگ آئل جيڪو بنيادي ضرورت جي اهم شيءِ آهي ان جي اگهن ۾ 46 رپيا في لٽر واڌ اهڙي خبر آهي جيڪا عام ماڻهو جي مٿان جبل وانگر ڪري ٿي، ڏهاڙي رپيو رپيو جوڙي ٻچن جو پيٽ پاليندڙ ماڻهن کي ئي خبر هوندي ته 46 رپيا انهن لاءِ ڪيڏي وڏي قيمت آهن، رڳو ايترو ئي نه پر گيهه جي اگهن ۾ 34 رپيا ڪلو تائين واڌ ڪئي وئي آهي جيڪا يقينن برداشت کان ٻاهر آهي، اسان جي ملڪ ۾ اڳ ئي نيوٽريشن مسئلو آهي ۽ غذائي کوٽ سبب ٻارن جي موت ۾ واڌ ٿي وئي آهي، مٿان وري انهن معصوم ٻارڙن کي به حڪمرانن ناهي بخشيو ۽ انهن لاءِ موجود يوٽيلٽي اسٽورن وارو سستو کير به مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. في دٻي تي 10 کان 40 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، ڀلا حڪمرانن کي ڪير اهو سمجهائي ته انهن معصوم ٻارڙن کي ته بخش ڪن ها، اسان سمجهون ٿا ته وزيراعظم جي هڪ ڏينهن اڳ چيل ڳالهه بلڪل درست آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ کيس سياست جي ڪا به خبر نه هئي، اسان سمجهون ٿا ته هاڻ به کيس سياست جي ڪا به خبر نه آهي، ڇو ته هڪ خبروار سياستدان ڪڏهن به پنهنجي عوام مٿان ايترو ظلم ناهي ڪندو، جيترو موجوده حڪمران ڪري رهيا آهن، اسان رڳو اهو چئي سگهون ٿا ته خدارا عوام تي رحم ڪري مهانگائي گهٽائي ڪجهه دعائون وٺو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو