اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبه بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرامن ۾ ڪابينا ڊويزن لاءِ مجموعي طور تي هن وقت تائين 9 ارب 23 ڪروڙ کان وڌيڪ جا فنڊز جاري ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت ان ڊويزن جي ترقياتي ڪمن لاءِ هلندڙ مالي سال لاءِ 46 ارب 15 ڪروڙ روپين جا فنڊز مخصوص ڪيا آهن.
