107

برڪينا فاسو ، دهشتگردن جي ٻن مختلف حملن ۾ 30 ماڻهو اجل جو شڪار

 اوگادوگو (ويب ڊيسڪ) برڪينا فاسو ئن نائجر جي سرحد ويجهو هٿيار بند دهشتگرد گروپ طرفان ڪيل ٻن مختلف حملن جي نتيجي ۾ عام شهرين فوجي ۽ حڪومت جي حامين سميت 30 ماڻهن کي ماري ڇڏيو .رپورٽ مطابق برڪينيا فاسو جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته گذريل ڏينهن اڻ ڄاتل  حملي ڪندڙن طرفان پهريون حملو نائجر جي سرحد ويجهو واقع اوڊلان صوبي جي مارڪوئي علائقي ويجهو ڳوٺ تي ڪيوويو. جنهن ۾ 11 شهري مارجي ويا جڏهن ته ٻيو حملو انهي علائقي  ۾ فوجي دستي جي هڪ يونٽ تي ڪيو ويو . جنهن ۾ 15 فوجي ۽ وي ڊي پي جا  4 ميمبر مارجي ويا . فورسز طرفان جوابي ڪاروائي ۾ 10 کان وڌيڪ حملو  ڪندڙ  به مارجي ويا آهن . وزارت موجب اهو علائقو هن وقت فوج جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ حملي ڪندڙن  جي ڳولا جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو