119

قانون جي بالادستي، قانون ۾ برابري ۽ احتساب سان جٽادار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو: فروغ نسيم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قانون جي بالادستي، قانون ۾ سڀني لاءِ برابري ۽ احتساب سان شنگهائي سهڪار تنظيم جا ميمبر ملڪ ڊگهي مُدي واري جٽادار ترقي، اؤسر واري شرح ۾ واڌ، استحڪام ۽ ترقيءَ کي يقيني بڻائي سگهن ٿا. پاڪستان 2025ع تائين ايس سي او ترقياتي حڪمت عملي جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اهڙو اظهار هن شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي انصاف واري وزيرن جي اٺين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جا 20 سال مڪمل ٿيڻ تي شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي انصاف وارن وزيرن کي دلي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته هي فورم ميمبر ملڪن جي گڏيل قدرن جي هٿي وٺرائڻ، مفادن ۽ موقعن لاءِ جٽادار شراڪتداري ۽ خوشحاليءَ جا موقعا فراهم ڪري ٿو. پاڪستان ان فورم جو ميمبر بڻجڻ بعد قانون ۽ انصاف ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان ميوچل ليگل اسسٽنٽس جي فراهمي ۽ آءِ ٽي جي بهتري لاءِ ضابطه فوجداري ۾ قانوني معاونت ۽ قانوني ناتن بابت ايس سي او ڪنوينشن سميت آرگنائزيشن ٽريٽي ۾ به بهتري ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار جو خواهشمند آهي. پاڪستان پٺي پيل طبقي کي انصاف جي فراهمي تائين رسائيءَ لاءِ قانوني ۽ مالي معاونت لاءِ ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ايڪٽ منظور ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پرڏيهي ڪرنسي، سون، چاندي، قيمتي پٿر، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين شين سميت منشيات جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ (ڪووڊ-19 اسمگلنگ جي روڪٿام) آرڊيننس منظور ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جي خطي ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي تبديليون رونما ٿي رهيون آهن. عالمي سياسي صورتحال به تبديل ٿي رهي آهي، اسان شنگهائي سهڪار تنظيم جي شراڪتدارن سان گڏجي امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون. هن شنگهائي سهڪار تنظيم جا ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو